Romans 8:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
هن ڪري جو جيڪو ڪم شريعت جسم جي ڪمزور هئڻ سبب نہ ڪري سگهي، سو خدا ڪيو، يعني هن پنهنجي ئي فرزند کي گناهہ جي جسم جي صورت ۾، ۽ گناهہ جي قربانيءَ لاءِ موڪلي، گناهہ تي جسم ۾ سزا جي فتويٰ ڏني:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو، يعني ھن پنھنجي فرزند کي گنھگار انساني صورت ۾ موڪليو تہ جيئن ھو اسان جي گناھن لاءِ قربان ٿئي ۽ گناھہ کي سزاوار بڻائي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب نيم نہ ڪري سگھيو سو ايشور ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي پٽ کي انساني يعني پاپين واري روپ ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي پاپن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود پاپ جي خلاف ايشور فيصلو جاري ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي.