Romans 8:30 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جن کي هن اڳيئي مقرر ڪيو، تن کي سڏيائين بہ؛ ۽ جن کي سڏيائين، تن کي راستباز بہ ٺهرايائين؛ ۽ جن کي راستباز ٺهرايائين، تن کي جلال بہ بخشيائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو خدا جن کي مخصوص ڪيو ھو تن کي ئي چونڊيائين ۽ جن کي چونڊيائين تن کي پاڻ ڏانھن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنھنجو جلوو بہ بخشيائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سو ايشور جن کي مخصوص ڪيو هو تن کي سڏيائين بہ، جن کي سڏيائين تن کي پاڻ ڏانهن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنهنجي جوت ۾ بہ شريڪ ڪيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سو خدا جن کي مخصوص ڪيو هو تن کي سڏيائين بہ، جن کي سڏيائين تن کي پاڻ ڏانهن سچار بہ بڻايائين ۽ جن کي سچار بڻايائين تن کي پنهنجي جلوي ۾ بہ شريڪ ڪيائين.