Romans 9:25 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيئن تہ هو هوسيع نبيءَ جي ڪتاب ۾ بہ ٿو فرمائي تہ ”جيڪا منهنجي اُمت نہ هئي، تنهن کي پنهنجي اُمت سڏيندس، ۽ جا پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن خدا ھوسيع نبيءَ جي صحيفي ۾ فرمائي ٿو تہ ”جيڪا منھنجي قوم نہ ھئي، تنھن کي پنھنجي قوم سڏيندس ۽ جيڪا مون کي پياري نہ ھئي، تنھن کي پياري چوندس.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو ايشور جو سنديش ڏيندڙ سنت هوسيع جي پوِتر لکت مطابق آهي، جنهن ۾ ايشور فرمائي ٿو تہ ”جيڪا منهنجي قوم نہ هئي، تنهن کي پنهنجي قوم سڏيندس، ۽ جيڪا مون کي پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو هوسيع نبيءَ جي پاڪ لکت مطابق آهي، جنهن ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪا منهنجي قوم نہ هئي، تنهن کي پنهنجي قوم سڏيندس، ۽ جيڪا مون کي پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“