Romans 9:33 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيئن ڪ لکيل آهي، تہ ”ڏسو، آئون صيون ۾ ٿاٻي کارائڻ وارو پهڻ ۽ ٺوڪر کارائڻ واري ڇپ ٿو رکان: ۽ جيڪو مٿس ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن لکيل آھي تہ ”ڏسو، صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻھن اڳيان ٺوڪر کائڻ واري ھڪ ڇپ کڙي ڪريان ٿو. پر جيڪو بہ ھن تي ايمان آڻيندو، سو ڪڏھن بہ مايوس نہ ڪيو ويندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اهو پٿر يسوع آهي، جنهن بابت ايشور پوِتر شاستر ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي وشواس آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو پٿر عيسيٰ آهي، جنهن بابت خدا پاڪ ڪلام ۾ فرمايو آهي تہ ”ڏسو، آءٌ صيئون ۾ ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني هڪ ڇپ رکي ڇڏيان ٿو، جيڪا ٿاٻو کائڻ جو سبب بڻبي، پر جيڪو هن تي ايمان آڻيندو، سو شرمندو نہ ٿيندو.“