Romans 9:6 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر ائين نہ آهي تہ ڄڻ خدا جو ڪلام اجايو ويو، ڇالاءِ جو جيڪي اسرائيل جو اولاد آهن سي سڀ اسرائيلي نہ آهن:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
آءٌ ائين نہ ٿو چوان تہ خدا جو واعدو اجايو آھي، ڇالاءِجو جيڪي اسرائيل جو اولاد آھن، سي سڀ بني اسرائيل نہ آھن
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻ جيڪڏهن اهي مڪتي حاصل نہ ٿا ڪن تہ پوءِ ايشور جو انهن سان ڪيل وچن ڪوڙو ثابت ٿيو ڇا؟ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بني اسرائيل قوم ۾ پيدا ٿيا آهن، تن مان سڀ حقيقي بني اسرائيل وارا نہ آهن
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻ جيڪڏهن اهي ڇوٽڪارو حاصل نہ ٿا ڪن تہ پوءِ خدا جو انهن سان ڪيل واعدو ڪوڙو ثابت ٿيو ڇا؟ نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪي بني اسرائيل قوم ۾ پيدا ٿيا آهن، تن مان سڀ حقيقي بني اسرائيل وارا نہ آهن