Romans 9:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
نڪي ابراهيم جي نسل مان هئڻ سبب اهي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آهن: پر لکيل آهي تہ ”اسحاق کان ئي تنهنجو نسل سڏيو ويندو.“
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
۽ نڪي ابراھيم جي نسل مان ھئڻ ڪري اھي سڀ سندس ٻار ليکيا ويا آھن. پر لکيل آھي تہ ”اسحاق مان ئي تنھنجو نسل سڏيو ويندو.“
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
۽ نہ وري ابرهام جي پيڙهيءَ مان هئڻ ڪري اهي سڀ ايشور جا ٻار ليکيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پوِتر شاستر ۾ ابرهام کي فرمايو ويو آهي تہ ”تنهنجي پيڙهي اضحاق مان ئي سڏي ويندي.“
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
۽ نہ وري ابراهيم جي پيڙهيءَ مان هئڻ ڪري اهي سڀ خدا جا ٻار ليکيا ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو پاڪ ڪلام ۾ ابراهيم کي فرمايو ويو آهي تہ ”تنهنجي پيڙهي اسحاق مان ئي سڏي ويندي.“