Ruth 2:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ بوعز هن کي ورندي ڏيئي چيو تہ جيڪي تو پنهنجي مڙس جي مئي کان پوءِ پنهنجي سس سان ڪيو سو سمورو مون کي ٻڌايو ويو آهي: ۽ ڪهڙيءَ طرح تو پنهنجو پيءُ ۽ ماءُ ۽ پنهنجو وطن ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ قوم ۾ آئي آهين جنهن کي تون اڳي نہ سڃاڻندي هئينءَ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بوعز کيس ورندي ڏيئي چوڻ لڳو تہ ”تو پنهنجي مڙس جي مُئي کان پوءِ جيڪي بہ پنهنجيءَ سس سان ڪيو آهي، سو سمورو مون کي ٻڌايو ويو آهي، تہ ڪيئن نہ تون پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ پنهنجي وطن کي ڇڏي انهيءَ قوم ۾ آئي آهين جنهن کي تون اڳي نہ ڄاڻيندي هئينءَ.