Ruth 3:4 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو وڃي ليٽي تڏهن تون اُها جاءِ جاچي ڇڏج جتي هو ليٽڻ وارو هجي، ۽ تون اندر گهڙي وڃج ۽ سندس پيرن تان ڪپڙو لاهي ليٽي پئج، پوءِ هو پاڻيهي توکي چوندو تہ توکي ڇا ڪرڻو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جڏهن هو سمهڻ وڃي تڏهن تون سندس سمهڻ واري جاءِ ڌيان ۾ رکي ڇڏج. پوءِ جڏهن هو سمهي پوي تڏهن تون اتي وڃي سندس پيرن تان چادر هٽائي اتي سندس پيرن وٽ ئي ليٽي پئج. پوءِ هو پاڻيهي تو کي ٻڌائيندو تہ تو کي ڇا ڪرڻو آهي.“