Ruth 4:10 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهن کان سواءِ روٿ موآبڻ، محلون جي زال، مون خريد ڪئي آهي تہ انهيءَ کي پنهنجي زال ڪريان، ۽ فوتيءَ جو نالو انهي جي ميراث تي قائم ڪريان، تہ انهيءَ جو نالو سندس ڀائرن مان، ۽ سندس جاءِ جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي: اوهين اڄ شاهد آهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان علاوہ محلون جي بيوہ رُوت موآبڻ کي بہ آءٌ پنهنجي زال ڪري وٺان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم رهي، تانتہ سندس نالو سندس مائٽن مان ۽ سندس گھر جي دروازي تان ميٽجي نہ وڃي. اوهين اڄ انهيءَ جا شاهد آهيو.“