Ruth 4:9 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ بوعز انهن بزرگن کي ۽ سڀني ماڻهن کي چيو تہ اليملڪ جي جيڪا بہ ملڪيت هئي، ۽ جيڪا بہ ڪيلون ۽ محلون جي هئي سا سڀ نعوميءَ جي هٿان مون خريد ڪئي آهي، ۽ ان جا اوهين اڄ شاهد آهيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن بوعز انهن اڳواڻن ۽ اتي موجود ٻين سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”اڄ اوهين سڀ شاهد آهيو تہ اِليملڪ ۽ سندس پٽن محلون ۽ ڪليون جي جيڪا بہ ملڪيت هئي، سا مون نعوميہ جي هٿان خريد ڪئي.