Song of Solomon 5:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڪنوار، آءٌ پنهنجي باغ ۾ آيو آهيان: مون پنهنجي مر پنهنجي مصالحہ سميت گڏ ڪئي آهي؛ مون پنهنجو مانارو پنهنجي ماکيءَ سميت کاڌو آهي؛ مون پنهنجو شراب پنهنجي کير سان پيتو آهي. اي دوستو کائو؛ هائو، اي محبوب پيءُ، بي انداز پيءُ.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي منهنجي پياري! اي منهنجي ڪنوار! آءٌ پنهنجي هن باغ ۾ آيو آهيان، ۽ انهيءَ جي مُر ۽ مصالحن جي خوشبوءِ مان لطف پيو ماڻيان. آءٌ هن پنهنجي باغ جي ماناري مان ماکي کائي رهيو آهيان. آءٌ هن باغ جي مئي ۽ کير پي رهيو آهيان. اي پيار ڪرڻ وارؤ! خوب کائو ۽ پيئو، ايتري تائين جو پيار ۾ مدهوش ٿي وڃو.