Titus 1:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پاڪ ماڻهن لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن: پر جيڪي پليت ۽ بي دين آهن، تن جي لاءِ ڪجهہ بہ پاڪ نہ آهي؛ پر انهن جو عقل توڙي دل ٻئي ناپاڪ آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پاڪ ماڻھن لاءِ سڀ شيون پاڪ آھن، پر جيڪي پليت ۽ ايمان نہ آڻيندڙ آھن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پاڪ ناھي. حقيقت ۾ انھن جو عقل توڙي ضمير ٻئي پليت آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوِتر ماڻهن لاءِ سڀ شيون پوِتر آهن، پر جيڪي اپوِتر ۽ وشواس نہ آڻيندڙ آهن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پوِتر ناهي. حقيقت ۾ انهن جو ذهن توڙي ضمير ٻئي اپوِتر آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پاڪ ماڻهن لاءِ سڀ شيون پاڪ آهن، پر جيڪي پليت ۽ ايمان نہ آڻيندڙ آهن، تن جي لاءِ ڪابہ شيءِ پاڪ ناهي. حقيقت ۾ انهن جو ذهن توڙي ضمير ٻئي پليت آهن.