Titus 1:3 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر هن مناسب وقتن تي پنهنجي ڪلام کي انهي پيغام ۾ ظاهر ڪيو، جي اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي حڪم موجب، منهنجي حوالي ڪيو ويو؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سو ھن مناسب وقت تي پنھنجي ڪلام کي انھيءَ تبليغ جي وسيلي ظاھر ڪيو، جيڪا اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي حڪم سان منھنجي حوالي ڪئي ويئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هاڻ مناسب وقت تي هن پنهنجي انهيءَ سنديش کي پرچار جي وسيلي ظاهر ڪيو. اهو پرچار اسان جي مڪتي ڏيندڙ ايشور جي حڪم سان مون پولس جي حوالي پڻ ڪيو ويو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻ مناسب وقت تي هن پنهنجي انهيءَ پيغام کي تبليغ جي وسيلي ظاهر ڪيو. اها تبليغ اسان جي ڇوٽڪاري ڏيندڙ خدا جي حڪم سان مون پولس جي حوالي پڻ ڪئي ويئي.