Titus 2:12 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اسان کي بہ سيکاري ٿو تہ بي دينيءَ ۽ دنيوي خواهشن کي ترڪ ڪري، هن موجودہ جهان ۾ پرهيزگاريءَ ۽ راستبازيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
اھو اسان کي سيکاري ٿو تہ بدڪاريءَ ۽ دنياوي خواھشن کان انڪار ڪري ھن موجودہ دنيا ۾ پرھيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
اها ڪرپا اسان کي هيءَ سکيا ٿي ڏئي تہ سنساري خواهشن ۽ بيڌرميءَ کي ڇڏي اسين هن انتم زماني ۾ پرهيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ ڌرمچاريءَ سان جيون گذاريون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اهو فضل اسان کي هيءَ تربيت ٿو ڏئي تہ دنياوي خواهشن ۽ بيدينيءَ کي ڇڏي اسين هن آخري زماني ۾ پرهيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.