Titus 2:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
سالم دل، پاڪ دامن، گهر جو ڪم ڪار ڪندڙ ۽ مهربان، ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سمجھُو ۽ پاڪدامن ھجن، گھر ۾ ڪم ڪار ڪندڙ، مھربان ۽ پنھنجن مڙسن جون تابعدار ھجن تہ جيئن خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
سمجھُو ۽ پوِتر هجن، گھر سنڀاليندڙ، ڪرپالو ۽ پنهنجن پتين جي وس هيٺ هجن، تہ جيئن ايشور جي سنديش جي بدنامي نہ ٿئي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سمجھُو ۽ پاڪدامن هجن، گھر سنڀاليندڙ، مهربان ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ جيئن خدا جي پيغام جي بدنامي نہ ٿئي.