Titus 3:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تڏهن هن اسان کي نجات ڏني، نہ اسان جي راستبازيءَ جي ڪمن ڪري، پر پنهنجي رحم موجب نئين پيدائش جي غسل، ۽ پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان کي نئين سر پيدا ٿو ڪري،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تڏھن ھن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اھو اسان جي سچائيءَ جي ڪمن ڪرڻ ڪري نہ، بلڪ سندس رحم جي ڪري ٿيو. ھن اسان کي روحاني طور نئين سر پيدا ڪرڻ جي غسل ۽ پاڪ روح سان نئين زندگي ڏيڻ جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تڏهن هن اسان کي مڪتي ڏني. اها سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس ديا جي ڪري ملي. هائو، هن اسان کي انهيءَ پوِتر آتما جي وسيلي مڪتي ڏني، جنهن اسان کي آتما جي لحاظ کان ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئون جيون بخشيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن هن اسان کي ڇوٽڪارو ڏنو. اهو سچائيءَ وارن انهن ڪمن ڪرڻ ڪري نہ جيڪي اسان پاڻ ڪيا، پر سندس رحم جي ڪري مليو. هائو، هن اسان کي انهيءَ پاڪ روح جي وسيلي ڇوٽڪارو ڏنو، جنهن اسان کي روحاني طور ڌوئي نئين سر پيدا ڪيو ۽ نئين زندگي عطا ڪئي.