Zechariah 1:21 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تڏهن مون پڇيو تہ هي ڪهڙي ڪم ڪرڻ لاءِ آيا آهن؟ ۽ هن چيو تہ هي اُهي سڱ آهن جن يهوداہ کي اهڙو ڇڙوڇڙ ڪيو جو ڪو ماڻهو پنهنجو ڪنڌ نہ کڻي سگهيو، پر هي انهيءَ لاءِ آيا آهن تہ هنن کي ڊيڄارين، ۽ قومن جي سڱن کي ڪيرائي ڇڏين، جن يهوداہ کي پکيڙي ڇڏڻ لاءِ پنهنجو سڱ وڏو ڪيو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن مون ملائڪ کان پڇيو تہ ”هي ڪهڙو ڪم ڪرڻ آيا آهن؟“ هن وراڻيو تہ ”جن سڱن مثل بادشاهتن يهوداہ وارن کي ايترو تہ چيڀاٽي ڇڏيو هو جو ڪوبہ پنهنجي پيرن تي بيهي نہ سگھيو، تن بادشاهتن کي ڊيڄارڻ ۽ سندن طاقت کي ڪچلڻ لاءِ اهي ڪاريگر آيا آهن، ڇاڪاڻ تہ وڏي زورآوري ڏيکاري هنن يهوداہ وارن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو هو.“