Zechariah 10:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ آءٌ يهوداہ جي گهراڻي کي مضبوط ڪندس، ۽ يوسف جي گهراڻي کي بچائيندس، ۽ کين موٽائي وٺي ايندس، ڇالاءِ جو مون کي انهن تي رحم آهي؛ ۽ هو ائين ٿيندا ڄڻ تہ مون کين ڪڏهن ڪڍي نہ ڇڏيو هو: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، ۽ آءٌ سندن ٻُڌندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ يهوداہ وارن توڙي اسرائيل وارن کي مضبوط ڪندس، هائو، آءٌ انهن کي فتحياب ڪندس. آءٌ انهن کي موٽائي سندن وطن ۾ وري آباد ڪندس، ڇاڪاڻ تہ مون کي انهن تي رحم اچي ويو آهي. آءٌ انهن جا حالات اهڙا تہ بدلائي ڇڏيندس، جو ڄڻ تہ مون ڪڏهن کين رد ئي نہ ڪيو هو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان ۽ آءٌ انهن جي ٻڌندس.