Zechariah 12:6 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي سردارن کي ڪاٺين ۾ ٻرندڙ باهہ وانگر، ۽ گڏن ۾ ٻرندڙ مشعل وانگر ڪندس؛ ۽ هو پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي ۽ چوڌاري قومن کي ڳڙڪائي ويندا: پر يروشلم جا رهاڪو وري پنهنجي جاءِ تي، يعني يروشلم ۾ رهندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ڏينهن آءٌ يهوداہ جي اڳواڻن کي ايڏو طاقتور بڻائيندس جو هو پنهنجي آس‌پاس وارين سڀني قومن کي ڳڙڪائي ويندا. هائو، اهي اڳواڻ دشمنن لاءِ ڪاٺين جي کوڙ ۾ ٻرندڙ شعلي وانگر ۽ اناج جي ول جي گڏن ۾ باهہ لڳائيندڙ مشعل وانگر ٿيندا. جڏهن تہ يروشلم پنهنجي جاءِ تي جيئن جو تيئن قائم رهندو.