Zechariah 13:3 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جڏهن ڪوبہ پيشنگوئي ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، سي چوندس تہ تون جيئرو نہ رهندين؛ ڇالاءِ جو تون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائين: ۽ جڏهن هو نبوت ڪندو، تڏهن سندس ماءُ پيءُ، جن کيس ڄڻيو آهي، کيس قتل ڪندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اڃا بہ جيڪڏهن ڪو منهنجي نالي سان ڪوڙو پيغام ڏيندو، تہ پوءِ سندس ماءُ پيءُ جن کيس ڄڻيو آهي، سي پاڻ سندس موت جي فتويٰ ڏيندا، ڇاڪاڻ تہ هو مون خداوند جو نالو وٺي ڪوڙ ٿو ڳالهائي. سو جڏهن هو پيغام ٻڌائيندو تڏهن سندس پنهنجا ماءُ پيءُ ئي کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيندا.