Zechariah 14:12 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ هيئن ٿيندو تہ اُهي قومون جي يروشلم سان وڙهيون آهن، تن تي خداوند هيءَ آفت آڻيندو: تہ بيٺي بيٺي سندن گوشت ڳري ويندو، ۽ سندن اکيون پنهنجين کڏن ۾ ڳري وينديون، ۽ سندن ڄڀ سندن وات ۾ سڙي ويندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي بہ قومون يروشلم تي حملا ٿيون ڪن تن تي خداوند هي آفتون آڻيندو، جو بيٺي بيٺي سندن ماڻهن جو ماس ڳري ويندو، سندن اکيون سندن کانچن ۾ ڳري وينديون ۽ سندن زبانون سندن واتن ۾ ڳري سڙي وينديون.