Zechariah 14:18 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ جي مصر جا قبيلا مٿي نہ ايندا، انهن تي بہ مينهن نہ وسندو: ۽ انهن تي بہ اُها ئي آفت نازل ٿيندي جا خداوند انهن غير قومن تي نازل ڪندو، جي تنبن جي عيد ملهائڻ لاءِ نہ ايندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪڏهن مصري قوم بہ عبادت لاءِ نہ ايندي تہ اها بہ مِينهن کان محروم رهندي. هائو، انهن تي بہ اها مصيبت نازل ٿيندي، جيڪا تنبن واري عيد ملهائڻ لاءِ نہ ايندڙ قومن تي خداوند نازل ڪندو.