Zechariah 14:21 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هائو، يهوداہ ۽ يروشلم جي هرڪا ديڳ لشڪرن جي خداوند جي لاءِ پاڪ ٿيندي: ۽ سڀ قربانيون چاڙهيندڙ ايندا، ۽ اُهي کڻي انهن ۾ رڌيندا: ۽ انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪنعاني لشڪرن جي خداوند جي گهر ۾ نہ رهندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جو هر هڪ ٿانءُ قادر‌مطلق خداوند جي لاءِ مخصوص ٿيندو ۽ جيڪي ماڻهو قربانيون ڪرڻ لاءِ ايندا سي سڀ اُهي ٿانوَ کڻي انهن ۾ قربانيءَ وارو گوشت رڌيندا پچائيندا. سو انهيءَ ڏينهن قادر‌مطلق خداوند جي گھر ۾ ڪوبہ انهن مخصوص ٿانون جو واپار نہ ڪندو.