Zechariah 14:4 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ انهيءَ ڏينهن هو زيتون جي جبل تي، جو يروشلم جي اڳيان اڀرندي ڏانهن آهي، ان تي اُٿي بيهندو، ۽ زيتون جو جبل وچ مان ڦاٽي پوندو، ۽ انهيءَ ۾ اُڀرندي کان اُلهندي تائين هڪڙي وڏي وادي ٿي پوندي، ڇو جو اڌ جبل اُتر ڏانهن ۽ اڌ ڏکڻ ڏانهن کڄي ويندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ڏينهن يروشلم جي سامهون اوڀر ۾ هو زيتون جي ٽڪر تي اچي بيهندو ۽ انهيءَ ٽڪر کي اولهہ کان اوڀر تائين ٻن حصن ۾ چيري ڇڏيندو. اهڙيءَ طرح هڪڙي وڏي ماٿري ٺهي پوندي، ڇوجو اڌ ٽڪر اتر ڏانهن ۽ اڌ ڏکڻ ڏانهن هٽي ويندو.