Zechariah 14:5 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اوهين منهنجي جبل جي واديءَ مان لنگهي ڀڄندا، ڇالاءِ جو جبلن جي وادي آضل تائين هوندي: هائو، اوهين ائين ڀڄندا، جيئن يهوداہ جا بادشاهہ عزياہ جي زماني ۾ زلزلي کان ڀڳا هئا: ۽ خداوند منهنجو خدا ايندو، ۽ سڀ پاڪ شخص توسان ايندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تڏهن اوهان انهيءَ پوري ماٿريءَ منجھان لنگھي ٻاهر ڀڄي ويندا، جيڪا آضل ڳوٺ تائين وڃي نڪرندي. اوهين اتان ائين ڀڄي نڪرندا، جيئن يهوداہ جي بادشاهہ عُزياہ جي زماني ۾ اوهان جا ابا ڏاڏا زلزلي کان ڀڄي نڪتا هئا. تڏهن خداوند منهنجو خدا ايندو ۽ سندس سڀ پاڪ هستيون بہ ساڻس گڏ هونديون.