Zechariah 8:9 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين جي هن وقت نبين جي معرفت ڪلام ٻُڌو ٿا، جي اُنهن ڏينهن ۾ هئا، جن ڏينهن ۾ لشڪرن جي خداوند جي گهر، يعني هيڪل جو بنياد وڌو ويو هو تہ اُهو ٺاهيو وڃي، پنهنجا هٿ مضبوط ڪريو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
قادر‌مطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! دلجاءِ ڪريو ۽ همت نہ هاريو. هن وقت اوهين اهو ساڳيو ئي فرمان ٻڌو ٿا، جيڪو نبين انهن ڏينهن ۾ ٻڌايو هو جڏهن نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ منهنجي هيڪل جو بنياد وڌو ٿي ويو.