Zechariah 9:10 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ آءٌ افرائيم مان رٿ، ۽ يروشلم مان گهوڙو وڍي ڇڏيندس، ۽ جنگي ڪمان ڀڃي ڇڏيندس؛ ۽ هو قومن سان صلح سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو: ۽ هن جي بادشاهي سمنڊ کان سمنڊ تائين ۽ فرات نديءَ کان زمين جي حد تائين ٿيندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اسرائيل ۽ يهوداہ مان جنگ ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، اتان آءٌ جنگي گھوڙا ۽ گھوڙي گاڏيون هٽائي ڇڏيندس، ۽ جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس. اوهان جو اهو بادشاهہ قومن منجھہ امن وَ سلامتي آڻيندو. اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين، هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي.