Zechariah 9:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
لشڪرن جو خداوند سندن بچاءُ ڪندو؛ ۽ هو پنهنجن دشمنن کي ڳهي ويندا، ۽ لسن پٿرن کي لتاڙيندا؛ ۽ هو شرابين وانگر پي متوالا ٿيندا، ۽ اهڙا ڀرجي ويندا، جهڙا قربانگاهہ جي ڪنڊن وارا پيالا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ قادرمطلق خداوند پنهنجي قوم جي حفاظت ڪندس. پوءِ هو پنهنجي دشمنن ۾ تباهي مچائي مٿن غالب ايندا. هائو، هو مئي پيئندڙن وانگر مست ٿي جنگ ۾ گجندا وتندا. جيئن قربانگاهہ تي قربانيءَ جي جانور جي وهندڙ رت مان ٿانءُ ڀرجي ٽمٽار ٿي ويندو آهي، تيئن هو دشمنن جو رت وهائيندا.