Zechariah 9:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
آءٌ سندن وات مان رت پيئڻ ڪڍي ڇڏيندس، ۽ سندن ڏندن مان بُتن جي قربانيءَ جو کاڌو. ۽ هو بہ اسان جي خدا جي اڳيان باقي بچيل ٿيندو، ۽ هو يهوداہ ۾ سردار وانگر ٿيندو، ۽ عقرون يبوسين وانگي ٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
آءٌ اوهان کي اهڙي سيکت ڏيندس، جو اڳتي اوهين ڪو حرام کاڌو نہ کائيندا، هائو، نہ رت لڳل گوشت ۽ نہ وري ڪو منع ڪيل کاڌو. منهنجي ڏنل سيکت کان پوءِ جيڪي بچي ويندا، سي مون خداوند جا هوندا، ۽ انهن کي بہ يهوداہ وارن جهڙا حق حاصل هوندا. هائو، عقرون شهر وارا بہ يبوسين وانگر منهنجي قوم جا سمجھيا ويندا.