Zephaniah 2:9 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهنڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ موآب ضرور سدوم جهڙو ٿيندو ۽ بني عمون عمورہ جهڙو؛ يعني ڪنڊن جي جاءِ، ڪلر ۽ مدامي ويراني ٿيندو: منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو انهن کي ڦُريندا لُٽيندا، ۽ منهنجي اُمت جا باقي رهيل ماڻهو انهن جا وارث ٿيندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري، آءٌ قادر‌مطلق خداوند ، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“