bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Song of Solomon 7
Song of Solomon 7
Sindhi Bible
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 8 →
1
اي شاهزادي، تنهنجا پير چاکڙين ۾ ڪهڙا نہ سهڻا ٿا لڳن! تنهنجن رانن جا سنڌ جواهرن جهڙا آهن، جي ڪنهن اُستاد ڪاريگر جي هٿن جا جُڙيل هجن.
2
تنهنجو دُن گول پيالي جهڙو آهي، جنهن ۾ گڏيل شراب جي ڪمي ڪانہ هجي: تنهنجو پيٽ ڪڻڪ جي ڍڳ جهڙو آهي، جنهن جي آس پاس سوسن رکيل هجن.
3
تنهنجون ٻہ ڇاتيون ٻن ٻٺڙن جهڙيون آهن، جي هڪڙي هرڻيءَ جا جاڙا ٻچا هجن.
4
تنهنجي ڳچي عاج جي ٿنڀ جهڙي آهي؛ تنهنجون اکيون حشبون جي تلائن جهڙيون آهن، جي بيت ربيم جي در وٽ آهن؛ تنهنجو نڪ لبنان جي ٺلهہ وانگر آهي، جنهن جو رخ دمشق ڏي آهي.
5
تنهنجو مٿو توتي ڪرمل وانگر آهي، ۽ تنهنجي مٿي جا وار واڱڻائي رنگ جهڙا آهن؛ انهن جي زلفن ۾ بادشاهہ قيد ٿيو پيو آهي.
6
اي پياري، خوشين جي ڪري تون ڪهڙي نہ خوبصورت ۽ دلپسند آهين!
7
تنهنجو قد کجيءَ جي وڻ وانگر آهي، ۽ تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون آهن.
8
مون چيو تہ آءٌ انهي کجيءَ جي وڻ تي چڙهان، ۽ ان جون ٽاريون جهلي بيهان: ڀلي تہ تنهنجون ڇاتيون ڊاک جي ڇڳن جهڙيون هجن، ۽ تنهنجي پساهہ جي خوشبوءِ صوفن جهڙي آهي؛
9
۽ تنهنجو وات تمام عمدي شراب جهڙو آهي، جو منهنجي محبوب جي لاءِ لسو وهندو وڃي، ۽ جيڪي سُتا پيا آهن تن جي چپن مان ترڪندو وڃي.
10
آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، هن جي خواهش مون ڏانهن آهي.
11
اي منهنجا محبوب، اچ تہ ٻهراڙيءَ ۾ هلون؛ ۽ ڳوٺن ۾ هلي گذاريون.
12
هل تہ سوير اُٿي ڊاک جي منهہ ۾ هلون؛ ڏسون تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ان جا گل کليا آهن يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ: اُتي آءٌ توکي پنهنجي محبت ڏينديس.
13
ست رنگن جي خوشبوءِ پئي اچي، ۽ اسانجن درن تي هر قسم جا قيمتي ميوا، نوان توڙي پراڻا آهن، جي اي منهنجا محبوب، مون تو لاءِ گڏ ڪري رکيا آهن.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8