bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
/
1 Corinthians 8
1 Corinthians 8
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 9 →
1
جيڪو کاڌو بتن جي اڳيان نذر ڪجي ٿو، تنھن بابت اسين سمجھون ٿا تہ ”اسان سڀني کي علم آھي.“ اھو علم تہ انسان کي مغرور ڪري ٿو، پر محبت ترقي عطا ڪري ٿي.
2
جيڪڏھن ڪو ماڻھو سمجھي ٿو تہ ”آءٌ ڪجھہ ڄاڻان ٿو،“ تہ ھو اڃا ايترو نہ ٿو ڄاڻي جيترو کيس ڄاڻڻ گھرجي.
3
پر جيڪو خدا سان پيار ٿو ڪري، تنھن کي خدا پنھنجو ڄاڻي ٿو.
4
تہ پوءِ بتن تي نذر ڪيل کاڌي بابت اسان کي خبر آھي تہ دنيا ۾ بتن جي ڪابہ حقيقت ناھي ۽ ھڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ خدا ڪينھي.
5
جيتوڻيڪ آسمان ۽ زمين ۾ گھڻا ئي خدا سڏجن ٿا ۽ ڪيترائي ڪوڙا خدا ۽ ڪيترائي ڪوڙا خداوند آھن،
6
تنھن ھوندي بہ اسان جي لاءِ تہ ھڪڙو ئي خدا آھي يعني پيءُ، جنھن سڀ شيون پيدا ڪيون آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي لاءِ زندہ آھيون. اسان جو خداوند بہ ھڪڙو ئي آھي يعني عيسيٰ مسيح، جنھن جي وسيلي سڀ شيون موجود آھن ۽ اسين بہ انھيءَ جي وسيلي زندہ آھيون.
7
پر سڀني ماڻھن کي اھا ڄاڻ نہ آھي، ايتري تائين جو اسان مان بہ ڪي اڃا تائين بتپرستيءَ جي اثر ھيٺ آھن. سي ھن کاڌي کي بتن جي ئي قربانيءَ جي حيثيت سان کائين ٿا. جيئن تہ ھو چڱيءَ طرح نيڪيءَ ۽ بديءَ ۾ تميز نہ ٿا ڪري سگھن، تنھنڪري ھو پليت ٿي پون ٿا.
8
کاڌو تہ اسان کي خدا سان ڪين ملائيندو. جيڪڏھن نہ کائينداسين تہ ڪو نقصان نہ پھچندو ۽ جيڪڏھن کائينداسين تہ ڪو فائدو بہ ڪونہ ٿيندو.
9
پر خبردار رھجو، ائين نہ ٿئي جو اوھان جي ھيءَ آزادي، ڪمزور سمجھہ وارن لاءِ گمراھيءَ جو سبب بڻجي.
10
فرض ڪريو تہ ڪو ڪمزور سمجھہ وارو اوھان علم وارن مان ڪنھن کي بتخاني ۾ بتن تي چاڙھيل قربانيءَ واريون شيون کائيندي ڏسندو، تہ ھو بہ انھن شين کائڻ ۾ نہ ھمتائبو ڇا؟
11
مطلب تہ اوھان جي علم جي ڪري ڪمزور سمجھہ وارو شخص، يعني اھو ڀاءُ ڀيڻ برباد ٿو ٿئي جنھن جي خاطر مسيح مئو.
12
اھڙيءَ طرح جڏھن اوھين ڀائرن ۽ ڀينرن جو گناھہ ٿا ڪريو تہ سندن ڪمزور ضمير کي زخمي ٿا ڪريو. ائين اوھين مسيح جو گناھہ ٿا ڪريو.
13
سو جيڪڏھن گوشت کائڻ سان منھنجو ڪو ڀاءُ ڀيڻ گمراھہ ٿئي ٿو تہ آءٌ گوشت ڪڏھن بہ نہ کائيندس، متان پنھنجي ڀاءُ ڀيڻ کي گمراھہ ڪريان.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16