bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
/
Acts 6
Acts 6
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 7 →
1
ٿورن ڏينھن کان پوءِ جيئن ئي شاگردن جو تعداد وڌندو ويو تہ يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين عبراني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودين جي خلاف شڪايت ڪئي. يوناني ٻولي ڳالھائيندڙ يھودي ڪرڪڻ لڳا تہ ھنن جي رننزالن کي روزانو کاڌي جي ورھاست وقت وساريو ٿو وڃي.
2
تنھنڪري ٻارھن رسولن سڀني شاگردن کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيو تہ ”اھو اسان لاءِ چڱو نہ آھي جو کاڌي پيتي جي ڳالھين جي ڪري اسين خدا جي ڪلام جي تبليغ ڇڏي ڏيون.
3
تنھنڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پاڻ مان ست معتبر ماڻھو چونڊيو، جيڪي سياڻپ ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھجن. اسين انھن کي ھن ڪم جو ذميوار مقرر ڪنداسين.
4
پوءِ اسين پاڻ سمورو وقت دعا ۽ تبليغ جي ڪم ۾ گذارينداسين.“
5
رسولن جي صلاح تي سڄو ٽولو خوش ٿيو. سو انھيءَ ٽولي ھنن ماڻھن کي چونڊيو: استيفنس، جيڪو ايمان ۽ پاڪ روح سان ڀريل ھو، فلپس، پرخرس، نيڪانور، تيمون، پرمناس ۽ نيڪلاوءس جيڪو انتاڪيا جو رھاڪو ھو ۽ اڳ غير يھودي ھو.
6
ٽولي انھن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ پنھنجا ھٿ انھن تي رکيا.
7
اھڙيءَ طرح خدا جو ڪلام پکڙبو ويو ۽ يروشلم ۾ شاگردن جو تعداد بہ وڌندو ويو. ان کان علاوہ ڪاھنن جي ھڪ وڏي ٽولي پڻ ايمان آندو.
8
استيفنس خدا جي فضل ۽ قدرت سان ڀرجي ماڻھن ۾ ڪيترائي وڏا معجزا ۽ ڪرامتون ڪرڻ لڳو.
9
پر ڪن ماڻھن سندس مخالفت ڪئي، جن مان ڪي ”آزاد ٿيل ماڻھن جو عبادتخانو“ نالي ھڪ يھودي عبادتخاني جا ميمبر ھئا ۽ ڪريني ۽ اسڪندريہ کان آيا ھئا ۽ ڪي وري ڪلڪيا ۽ ايشيا پرڳڻي جا ھئا.
10
پر پاڪ روح استيفنس کي اھڙي سياڻپ ڏني جو جڏھن ھن ڳالھايو تہ اھي سندس مقابلو ڪري نہ سگھيا.
11
تنھن تي ھنن ڪن ماڻھن کي رشوت ڏيئي سيکاريو تہ اھي چون تہ ”اسان ھن کي موسيٰ ۽ خدا بابت ڪفر جون ڳالھيون ڪندي ٻڌو آھي.“
12
اھڙيءَ طرح ھنن خلق کي، بزرگن ۽ شريعت جي عالمن سميت وٺي ڀڙڪايو. اھي استيفنس تي چڙھائي ڪري آيا ۽ کيس گرفتار ڪري ڪائونسل جي اڳيان پيش ڪيائون.
13
پوءِ اھي ڪن اھڙن ماڻھن کي اندر وٺي آيا، جيڪي ھن جي مٿان ڪوڙي شاھدي ڏين. انھن ماڻھن چيو تہ ”ھي ماڻھو ھميشہ اسان جي پاڪ ھيڪل ۽ موسيٰ جي شريعت جي خلاف ڳالھائيندو آھي.
14
اسان ھن کي ھي چوندي ٻڌو آھي تہ عيسيٰ ناصري ھيڪل کي ڊاھي ڇڏيندو ۽ جيڪي رسم وَ رواج موسيٰ اسان کي ڏيئي ويو آھي تن کي بہ بدلائي ڇڏيندو.“
15
تڏھن جيڪي ڪائونسل ۾ ويٺا ھئا تن استيفنس ڏانھن چتائي نھاريو تہ کين سندس منھن ملائڪ جھڙو ڏسڻ ۾ آيو.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28