bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
/
John 2
John 2
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 3 →
1
ٽئين ڏينھن تي گليل جي شھر قانا ۾ ڪا شادي ھئي ۽ عيسيٰ جي ماءُ بہ اتي آيل ھئي.
2
عيسيٰ ۽ سندس شاگردن کي بہ انھيءَ شاديءَ جي دعوت مليل ھئي.
3
جڏھن مئي ختم ٿي ويئي تہ عيسيٰ جي ماءُ کيس چيو تہ ”ھنن وٽ مئي آھي ئي ڪانہ.“
4
تنھن تي عيسيٰ کيس چيو تہ ”اما! تون مون کي ڇو ٿي چوين، منھنجي گھڙي اڃا ڪانہ آئي آھي.“
5
تنھن تي عيسيٰ جي ماءُ نوڪرن کي چيو تہ ”جيئن ھو چوي تيئن ڪريو.“
6
اتي يھودين جي پاڪائيءَ جي رسم موجب پٿر جا ڇھہ مٽ رکيل ھئا. ھر ھڪ مٽ ۾ اٽڪل ھڪ سؤ ليٽر ماپي سگھيا ٿي.
7
عيسيٰ نوڪرن کي چيو تہ ”ھي مٽ پاڻيءَ سان ڀريو.“ سو ھنن اھي مٽ ڀري ٽمٽار ڪري ڇڏيا.
8
پوءِ ھن کين چيو تہ ”ھاڻي انھن مان ڪجھہ ڪڍي شاديءَ جي منتظم اعليٰ وٽ کڻي وڃو.“ سو ھو اھو کڻي ويا.
9
منتظم اعليٰ اھو پاڻي چکيو، جيڪو ھاڻي مئي ٿي پيو ھو. کيس خبر ڪانہ ھئي تہ ھيءَ مئي ڪٿان آئي آھي، پر نوڪرن، جن پاڻي ڪڍيو ھو تن کي خبر ھئي. سو ھن گھوٽ کي گھرايو
10
۽ کيس چيائين تہ ”سڀڪو ماڻھو پھريائين سٺي مئي پيش ڪندو آھي ۽ جڏھن ماڻھو پي ڍءُ ڪندا آھن، تہ پوءِ سادي مئي پيش ڪندو آھي. پر تو وري سٺي مئي ھن مھل تائين بچائي رکي ھئي.“
11
ھيءُ عيسيٰ جو پھريون معجزو ھو، جيڪو ھن گليل جي شھر قانا ۾ ڏيکاري پنھنجو جلوو ظاھر ڪيو ۽ سندس شاگردن مٿس ايمان آندو.
12
تنھن کان پوءِ عيسيٰ، سندس ماءُ، ڀائر ۽ سندس شاگرد ڪفرناحوم شھر ڏانھن ويا، جتي ھو ڪجھہ ڏينھن رھيا.
13
يھودين جي عيد فصح ويجھي ھئي تہ عيسيٰ يروشلم ڏانھن ويو.
14
اتي ھن وڃي ڏٺو تہ ماڻھو ھيڪل ۾ ڍڳا، رڍون ۽ ڪبوتر وڪڻي رھيا آھن ۽ صراف بہ پنھنجا صندل رکيو ويٺا آھن.
15
تنھن تي ھن نوڙين جو چھبڪ ٺاھي انھن سڀني کي سندن رڍن ۽ ڍڳن سميت ھيڪل مان ھڪالي ڪڍي ڇڏيو ۽ صرافن جا پيسا اڇلائي سندن صندل اونڌا ڪري ڇڏيائين.
16
ڪبوتر وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ ”اھي ھتان کڻي وڃو. منھنجي پيءُ جي گھر کي بازار نہ بڻايو.“
17
تڏھن سندس شاگردن کي اھو لکيو ياد آيو تہ ”اي خدا! تنھنجي گھر لاءِ منھنجي غيرت مون کي جلائيندي.“
18
پوءِ يھودي اڳواڻن کيس چيو تہ ”تو کي ڪھڙو حق آھي جو تون ائين ڪرين ٿو؟ جيڪڏھن ڪو حق اٿيئي تہ اسان کي معجزو ڏيکار.“
19
عيسيٰ وراڻين تہ ”اوھين ھن ھيڪل کي ڊاھيو تہ آءٌ اھو ٽن ڏينھن ۾ وري ٺاھيندس.“
20
تنھن تي انھن اڳواڻن چيس تہ ”ھن ھيڪل کي ٺھڻ ۾ ڇائيتاليھہ ورھيہ لڳا آھن. تون وري اھو ٽن ڏينھن ۾ ڪيئن ٺاھيندين؟“
21
پر عيسيٰ تہ پنھنجي بدن جي ھيڪل بابت ڳالھہ ٿي ڪئي.
22
تنھنڪري جڏھن ھو مئلن مان جيئرو ٿي اٿيو، تڏھن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ ھن اھا ڳالھہ ڪئي ھئي، سو ھنن پاڪ لکت ۽ عيسيٰ جي لفظن تي ايمان آندو.
23
عيد فصح جي موقعي تي جڏھن عيسيٰ يروشلم ۾ ھو، تڏھن سندس معجزا ڏسي ڪيترن ئي ماڻھن مٿس ايمان آندو.
24
پر عيسيٰ انھن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇالاءِجو ھن سڀني کي ڄاتو پئي.
25
ھن کي ڪابہ ضرورت ڪانہ ھئي تہ ڪو ماڻھو ڪنھن بابت کيس ٻڌائي، ڇالاءِجو ھن پاڻ ئي ٿي ڄاتو تہ انسان جي دل ۾ ڇا ڇا آھي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21