bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
1 Peter 4
1 Peter 4
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 5 →
1
هاڻ جيئن تہ مسيح هن گنهگار دنيا ۾ تڪليف سٺي، تنهنڪري اوهين بہ ساڳيو سڀاءُ اختيار ڪندي تڪليفون سهڻ لاءِ تيار رهو، ڇاڪاڻ تہ جنهن بہ مسيح جي خاطر هن گنهگار دنيا ۾ تڪليف سٺي آهي، سو گناهہ تي غالب پيو آهي.
2
اڳتي هو پنهنجي باقي زندگي هن گنهگار دنيا جي انساني خواهشن موجب نہ، پر خدا جي مرضيءَ موجب گذاريندو.
3
گذريل وقت ۾ اوهان بہ غير ايمان وارن جي مرضيءَ موجب جيڪا هلت ڪئي، يعني شهوتپرستيءَ، برين خواهشن، شرابخوريءَ، عياشيءَ، بداخلاقيءَ واري نچڻ ڳائڻ ۽ ڪراهت جهڙي بتپرستيءَ ۾ گذاريو، سو ئي ڪافي آهي.
4
هاڻي انهن غير ايمان وارن کي عجب ٿو لڳي تہ اوهين هنن جي اهڙي سخت بدچاليءَ ۾ ساڻن شريڪ ڇو نہ ٿا ٿيو، تنهنڪري هو اوهان کي گھٽ وڌ ٿا ڳالهائين.
5
پر کين خدا کي حساب ڏيڻو پوندو، جيڪو جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
6
مئلن جي عدالت انهيءَ ڪري جو جڏهن اهي جيئرا هئا، تڏهن انهن کي بہ مسيح بابت خوشخبري انهيءَ مقصد لاءِ ٻڌائي ويئي هئي تہ جيئن روحاني طور اهي خدا آڏو جيئرا رهن، جيتوڻيڪ هن گنهگار دنيا ۾ سندن جيئري ئي ماڻهن طرفان عدالت ڪئي ويئي هئي.
7
دنيا جي خاتمي جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. تنهنڪري اوهين دعا گھرڻ لاءِ هوشيار ۽ سجاڳ رهو.
8
سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهہ هيءَ آهي تہ هڪٻئي سان حقيقي پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ پيار گھڻين ئي خطائن کي ڍڪي ٿو ڇڏي.
9
بنا ڪُرڪڻ جي هڪٻئي جي مهماننوازي ڪريو.
10
هر ماڻهوءَ کي جيڪا نعمت ملي آهي سو انهيءَ نعمت کي، خدا جي فضل جي مختلف نعمتن جو چڱو ذميوار ٿي هڪٻئي جي خدمت لاءِ ڪم آڻي.
11
مثال طور جيڪڏهن ڪو ماڻهو پيغام ڏئي تہ اهڙيءَ طرح ڏئي جو ڄڻ تہ هو خدا جو فرمان پيش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو خدمت ڪري تہ انهيءَ طاقت موجب ڪري جيڪا خدا کيس بخشي ٿو. اهو سڀ انهيءَ طرح ڪريو جو سڀني ڳالهين ۾ عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا جي واکاڻ ٿئي. شل سندس عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.
12
اي عزيزؤ! تڪليفن جي باهہ جيڪا اوهان جي آزمائش لاءِ اوهان تي اچي ڀڙڪي آهي، تنهن تي تعجب نہ ڪريو جو ڄڻ تہ ڪا عجيب ڳالهہ اوهان تي اچي پيئي آهي.
13
اٽلندو خوشي ملهايو جو اوهين مسيح جي تڪليفن ۾ شامل ٿا ٿيو. پوءِ جڏهن هو شان وَ شوڪت سان وري ظاهر ٿيندو، تڏهن اوهان کي ڏاڍي خوشي ۽ سرهائي حاصل ٿيندي.
14
جيڪڏهن مسيح جي نالي جي ڪري اوهان تي ڦٽ لعنت ڪئي ٿي وڃي تہ اوهين سڀاڳا آهيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي نهايت عظمت واري روح جي ڇانوَ اوهان تي آهي.
15
سو انهيءَ لاءِ ائين نہ ٿئي جو اوهان مان ڪو خوني، چور، بدڪار يا ٻين جي ڪمن ۾ دخل ڏيندڙ ٿي تڪليف سهي.
16
پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو مسيح جو هئڻ سبب تڪليف سهي تہ شرمسار نہ ٿئي، بلڪ انهيءَ نالي جي ڪري خدا جي واکاڻ ڪندو رهي.
17
هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي تہ عدالت خدا جي گھراڻي کان شروع ٿئي. سو جيڪڏهن اها عدالت اسان جي بہ ٿئي ٿي تہ پوءِ انهن جو ڪهڙو انجام ٿيندو جيڪي مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟
18
اهو پاڪ ڪلام مطابق آهي تہ ”جيڪڏهن سچار ئي وڏيءَ مشڪل سان ٿا بچي نڪرن، تہ پوءِ خدا کان پري رهندڙ گنهگارن جو ڪهڙو حشر ٿيندو؟“
19
تنهنڪري جيڪي خدا جي مرضيءَ موجب تڪليفون ٿا سهن، سي نيڪ ڪم ڪندي پنهنجو پاڻ کي سچي خالق جي حوالي ڪن.
← Chapter 3
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 5 →
All chapters:
1
2
3
4
5