bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 John 1
2 John 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
1
آءٌ جيڪو بزرگ سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط مسيح ۾ چونڊيل تو مانواري عورت ۽ تنهنجي ٻارن ڏانهن لکي رهيو آهيان. اوهان کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان، نہ رڳو آءٌ پر اهي سڀيئي پڻ جيڪي سچ کي ڄاڻين ٿا.
2
اهو انهيءَ سچ جي ڪري آهي جيڪو اسان ۾ رهي ٿو ۽ هميشہ اسان سان گڏ رهندو.
3
اسين جيڪي سچائيءَ ۽ پيار ۾ رهون ٿا، تن تي خدا پيءُ ۽ سندس فرزند عيسيٰ مسيح جو فضل، رحم ۽ سلامتي ٿيندي رهي ٿي.
4
آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏهن مون ڏٺو تہ تنهنجا ڪي ٻار ائين سچ مطابق هلي رهيا آهن، جيئن پيءُ اسان کي حڪم ڏنو آهي.
5
سو اي پياري ڀيڻ! آءٌ تو کي عرض ٿو ڪريان تہ اسين سڀ هڪٻئي سان پيار ڪريون. اهو آءٌ ڪو نئون حڪم نہ پر پراڻو حڪم لکي رهيو آهيان، جيڪو شروع کان اسان کي مليو آهي.
6
پيار جو مطلب هي آهي تہ اسين اهي عمل ڪريون جن جو خدا اسان کي حڪم ڏنو آهي. هي اهو ئي حڪم آهي جيڪو اوهان شروع کان ٻڌو آهي تہ اوهين پيار سان زندگي گذاريو.
7
اهو ضروري آهي ڇاڪاڻ تہ دنيا ۾ ڪيترائي گمراهہ ڪندڙ نڪري پيا آهن، جيڪي اهو انڪار ٿا ڪن تہ عيسيٰ مسيح جسم ۾ آيو. اهڙي قسم جا ماڻهو گمراهہ ڪندڙ ۽ مسيح جا مخالف آهن.
8
سو خبردار ٿجو، جيڪا محنت اسان اوهان ۾ ڪئي آهي سا وڃائي نہ ڇڏجو، پر انهيءَ مان پورو پورو اجر حاصل ڪجو.
9
جيڪو بہ مسيح جي تعليم تي قائم نہ ٿو رهي ۽ هٽي ڪري پنهنجيون ڳالهيون ٿو ڪري، تنهن وٽ خدا موجود نہ آهي. پر جيڪو مسيح جي تعليم تي قائم رهي ٿو، تنهن وٽ پيءُ بہ آهي ۽ فرزند بہ.
10
جيڪڏهن ڪو اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي تہ اهڙي شخص کي گھر ۾ اچڻ نہ ڏجو، نڪي کيس سلام ڪجو.
11
ياد رکو، جيڪو اهڙي ماڻهوءَ جو آڌرڀاءُ ڪري ٿو، سو سندس بڇڙن ڪمن ۾ شريڪ ٿئي ٿو.
12
مون کي ڪيتريون ئي ڳالهيون اوهان کي ٻڌائڻيون آهن، جيڪي مس ۽ ڪاغذ جي وسيلي نہ ٿو ڪرڻ چاهيان. پر اميد اٿم تہ روبرو اوهان سان ملي ڳالهيون ڪريان تہ جيئن اسان جي خوشي پوري ٿئي.
13
مسيح ۾ چونڊيل تنهنجي ڀيڻ جا ٻار تو کي سلام ڏين ٿا.
Jump to:
Chapter 1
All chapters:
1