bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
2 Timothy 3
2 Timothy 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 4 →
1
هاڻ هي بہ ڄاڻي ڇڏ تہ هن آخري زماني ۾ زندگي گذارڻ ڏاڍي ڏکي هوندي،
2
ڇاڪاڻ تہ ماڻهو خودغرض، پئسي جا پوڄاري، ٻٽاڪي، مغرور، ڪفر بڪندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بيشڪرا ۽ خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙ هوندا.
3
اهي محبت کان خالي، بيرحم، بدنامي ڪندڙ، پاڻ تي ضابطو نہ رکندڙ، وحشي ۽ نيڪيءَ جا دشمن هوندا.
4
اهي دغاباز، اُٻهرا، وڏائيءَ ۾ ڦونڊيل ۽ خدا جي بدران عيش عشرت جا طلبگار هوندا.
5
اهي دينداريءَ جو ظاهري نمونو تہ رکندا، پر انهيءَ جو اثر قبول نہ ڪندا. اهڙن ماڻهن کان پاسو ڪجانءِ.
6
اهڙي ئي قسم جي ماڻهن مان ڪي لڪ چوريءَ گھرن ۾ گھڙي اهڙين بيعقل عورتن کي پنهنجي چنبي ۾ آڻين ٿا، جيڪي پنهنجن گناهن جي ڪري پريشان رهندي طرح طرح جي برين خواهشن ۾ ڦاٿل رهن ٿيون.
7
اهي هميشہ نيون نيون ڳالهيون تہ سکنديون رهن ٿيون، پر سچ جي سڃاڻپ تائين ڪڏهن بہ نہ ٿيون پهچن.
8
جهڙيءَ طرح ينيس ۽ يمبريس جادوگرن موسيٰ جي مخالفت ڪئي هئي، تهڙيءَ طرح هي ماڻهو بہ سچ جي مخالفت ڪن ٿا. هي اهڙا ماڻهو آهن جن جو عقل بگڙيل آهي ۽ ايمان جي لحاظ کان رد ٿيل آهن.
9
پر اهي اڳتي وڌي ڪين سگھندا، ڇاڪاڻ تہ سندن بيوقوفي سڀني ماڻهن تي ظاهر ٿيندي، جهڙيءَ طرح انهن ٻنهي جادوگرن جي بہ ٿي هئي.
10
پر تو منهنجي تعليم، هلت چلت، مقصد، ايمان، تحمل، محبت ۽ ثابت قدميءَ ۾ منهنجي پيروي ڪئي آهي.
11
انهيءَ کان علاوہ تو انهن آزارن ۽ ڏکن سورن ۾ بہ منهنجي پيروي ڪئي آهي، جيڪي انطاڪيا، اڪونيم ۽ لسترا شهرن ۾ مون کي ڏنا ويا. مون ڪيڏا نہ آزار سٺا، پر خداوند عيسيٰ مون کي انهن سڀني مان ڇڏايو.
12
حقيقت ۾ جيڪي بہ عيسيٰ مسيح ۾ دينداريءَ سان زندگي گذارڻ چاهين ٿا، سي سڀ ستايا ويندا.
13
جڏهن تہ بڇڙا ۽ دوکيباز ماڻهو ٻين کي دوکو ڏيندي ۽ پاڻ بہ دوکو کائيندي خراب کان خراب ٿيندا ويندا.
14
پر تون انهن ڳالهين تي قائم رهہ، جيڪي تو سکيون آهن ۽ جن کي تو پوريءَ طرح قبول ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تون انهن کي ڄاڻين ٿو جن کان تو اهي سکيون آهن
15
۽ ننڍپڻ کان وٺي خدا جي انهن پاڪ لکتن کان بہ واقف آهين، جيڪي عيسيٰ مسيح تي ايمان آڻڻ سان ڇوٽڪاري حاصل ڪرڻ لاءِ تو کي دانائي بخشي سگھن ٿيون.
16
پاڪ ڪلام جي هر لکت جو سرچشمو خدا ئي آهي ۽ اها لکت حق سچ جي ڄاڻ ڏيڻ، تنبيهہ ڪرڻ ۽ سڌارڻ ۽ سچائيءَ جي تربيت ڏيڻ لاءِ فائدي واري آهي.
17
مطلب تہ پاڪ لکت جو مقصد اهو آهي تہ خدا جا ٻانها هر لحاظ کان انهيءَ لائق ٿين جو هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار رهن.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4