bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
3 John 1
3 John 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
1
آءٌ جيڪو بزرگ سڏيو وڃان ٿو، سو هي خط تو پياري گيُس ڏانهن لکان ٿو جنهن کي آءٌ سچائيءَ سبب پيار ٿو ڪريان.
2
اي پيارا! منهنجي اها دعا آهي تہ شل تون هر حال ۾ خوش رهين ۽ جسماني لحاظ کان ائين تندرست هجين، جيئن روحاني لحاظ کان آهين.
3
اهو آءٌ انهيءَ ڪري چوان ٿو تہ جڏهن خوشخبريءَ جي ڪن تبليغ ڪرڻ وارن اچي اها شاهدي ڏني تہ تون سچ تي قائم رهندي سچائيءَ سان زندگي گذاري رهيو آهين، تڏهن مون کي ڏاڍي خوشي ٿي.
4
منهنجي لاءِ انهيءَ کان وڌيڪ ٻي ڪابہ خوشي ڪانهي، جڏهن آءٌ ٻڌان تہ منهنجا ٻار سچ مطابق هلي رهيا آهن.
5
اي منهنجا پيارا! جيڪي تبليغ ڪرڻ وارا تو وٽ اچن ٿا، خاص ڪري جيڪي تنهنجا اڳ ڏٺل بہ نہ آهن، تڏهن بہ تون سچائيءَ سان انهن جي خدمت ڪرين ٿو.
6
هتان جي ڪليسيا جي اڳيان انهن تنهنجي پيار جي شاهدي ڏني آهي. اهو چڱو ٿيندو جيڪڏهن تون ائين سندن مدد ڪري کين سفر لاءِ روانو ڪرين جيئن خدا کي پسند آهي،
7
ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي نالي تي نڪتا آهن ۽ غير ايمان وارن جي مدد قبول نہ ڪئي اٿائون.
8
سو اسان جو فرض آهي تہ اهڙن ماڻهن جي مدد ڪريون، تہ جيئن اسين هن سچ واري ڪم ۾ ساڻن شريڪ ٿيون.
9
مون تنهنجي ڪليسيا ڏانهن ڪجھہ لکيو هو. پر ديترفيس جيڪو وڏو ٿيڻ گھري ٿو، سو منهنجي اختياري نہ ٿو مڃي.
10
سو جيڪڏهن آءٌ آيس تہ جيڪي ڪم ديترفيس ڪري ٿو، سي اچي اوهان کي ياد ڏياريندس تہ ڪيئن هو اسان جي خلاف بڪواس ٿو ڪري. هو رڳو انهيءَ ڳالهہ تي راضي نہ ٿو ٿئي، پر تبليغ ڪرڻ وارن کي بہ قبول نہ ٿو ڪري ۽ جيڪي انهن کي قبول ڪرڻ گھرن ٿا تن کي بہ منع ڪري ڪليسيا مان ڪڍي ڇڏي ٿو.
11
منهنجا پيارا! بڇڙائيءَ جي نہ، پر چڱائيءَ جي راهہ تي هل. جيڪو چڱائي ڪري ٿو سو خدا جو ٻار آهي ۽ جيڪو بڇڙائي ڪري ٿو تنهن خدا کي ڪڏهن بہ نہ ڄاتو آهي.
12
ديميتريُس جي چڱائيءَ جي هر ڪو، بلڪ خود سچ بہ شاهدي ڏئي ٿو. اسين بہ سندس شاهدي ڏيون ٿا ۽ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسان جي شاهدي سچي آهي.
13
مون کي ڪيتريون ئي ڳالهيون تو کي ٻڌائڻيون هيون، پر آءٌ اهي مس ۽ ڪاغذ جي وسيلي نہ ٿو ڪرڻ چاهيان.
14
اميد اٿم تہ جلد ئي اچي تو سان ملندس ۽ پوءِ روبرو ڳالهائينداسين.
15
شل تو تي سلامتي هجي. هتان جا دوست تو کي سلام چون ٿا. تون ايڏانهن وارن دوستن کي نالي وار اسان جا سلام چئجانءِ.
Jump to:
Chapter 1
All chapters:
1