bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Daniel 10
Daniel 10
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 11 →
1
فارس جي بادشاهہ خورس جي شهنشاهيءَ جي ٽئين سال مون دانيال عرف بيلطشضر تي هڪڙي ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي. اها ڳالهہ سچي تہ هئي پر اهڙي ڳجھي هئي جو سمجھہ ۾ نہ ٿي آئي، تنهنڪري رويا جي ذريعي اها هن ريت مون کي سمجھائي ويئي.
2
انهن ڏينهن ۾ مون دانيال پورن ٽن هفتن تائين سوڳ پئي ڪيو.
3
انهيءَ سوڳ دوران مون نڪي دل گھريو طعام کاڌو، نہ گوشت يا مئي چپن تي رکيم ۽ نہ ئي وري ڪڏهن مون پاڻ کي تيل مکيو، جيستائين اهي ٽي هفتا پورا نہ ٿيا.
4
سال جي پهرئين مهيني جي چوويهين تاريخ تي جڏهن آءٌ وڏي ندي دجلہ جي ڪناري تي بيٺو هئس،
5
تڏهن مون اکيون کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ سنهي وٽيل سڻيءَ جا ڪپڙا پاتل هڪڙي هستي بيٺي آهي، جنهن جي چيلهہ سان نج سون جو ڪمربند ٻڌل هو.
6
هن جو بدن هيري جهڙو تجليدار هو ۽ منهن وڄ جي شعلي جيان چمڪندڙ هئس. سندس اکيون ٻرندڙ مشعلن جهڙيون هيون ۽ سندس ٻانهون ۽ پير چمڪندڙ پتل جهڙا هئا. هن جي ڳالهائڻ جو آواز وڏي انبوہ جي گوڙ جهڙو هو.
7
رڳو مون دانيال ئي اها رويا ڏٺي، جڏهن تہ جيڪي ماڻهو مون سان گڏ هئا تن اها رويا نہ ڏٺي. پر انهن کي ايتري تہ سخت ڏڪڻي وٺي ويئي جو پاڻ کي لڪائڻ لاءِ وٺي ڀڳا.
8
اهڙيءَ طرح آءٌ اڪيلو رهجي ويس ۽ اها حيرتانگيز رويا ڏسي پريشان ٿي ويس، منهنجي منهن جو رت ڇڏائي ويو ۽ مون ۾ ڪا طاقت ڪانہ رهي.
9
مون انهيءَ هستيءَ جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌو ۽ اهو ٻڌندي ئي آءٌ منهن ڀر زمين تي ڪري پيس ۽ مون کي گَهري ننڊ وٺي ويئي.
10
پر پوءِ هڪڙي هٿ مون کي ڇهيو ۽ منهنجي ڏڪندي ڏڪندي مون کي منهنجي گوڏن ۽ هٿن جي ترين تي اُٿاري ويهاريو.
11
تڏهن انهيءَ هستيءَ مون کي چيو تہ ”اي دانيال، بيحد پيارا شخص! اُٿي سنئون ٿي بيهہ، آءٌ تو ڏانهن موڪليو ويو آهيان. سو هاڻي جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي ٻڌايان ٿو سي سمجھي وٺ.“ جڏهن هن مون کي ائين چيو تڏهن آءٌ ڏڪندو اُٿي بيٺس.
12
پوءِ هن مون کي چيو تہ ”اي دانيال! ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ پهرئين ئي ڏينهن، جڏهن تو پنهنجيءَ دل ۾ ارادو ڪيو تہ انهيءَ ڳجھہ واري ڳالهہ جي سمجھہ حاصل ڪرين، جنهن لاءِ تو پنهنجي خدا جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪيو، تڏهن کان وٺي تنهنجي دعا ٻڌي ويئي ۽ آءٌ تنهنجي دعا جي ڪري ئي موڪليو ويو آهيان.
13
پر فارس ملڪ جي محافظ فرشتي ايڪيهن ڏينهن تائين منهنجو مقابلو ڪيو. مگر ميڪائيل جيڪو وڏن فرشتن مان هڪ آهي، تنهن اچي منهنجي مدد ڪئي، ڇو تہ آءٌ اتي فارس جي محافظ فرشتي وٽ روڪجي ويو هئس.
14
هاڻي آءٌ تو کي اهو سمجھائڻ آيو آهيان تہ ايندڙ ڏينهن ۾ تنهنجيءَ قوم تي ڇا گذرندو، ڇاڪاڻ تہ هيءَ رويا مستقبل جي باري ۾ ئي آهي.“
15
جڏهن هو مون سان ڳالهائي رهيو هو، تڏهن آءٌ پنهنجيون نظرون جھڪائي ڌرتيءَ ۾ هڻي بيٺو رهيس ۽ ڳالهائي ڪين ٿي سگھيس.
16
تڏهن ڇا ڏسان تہ آدمزاد جهڙي هڪڙي شخص اچي منهنجي چپن کي ڇهيو تہ آءٌ ڳالهائڻ جهڙو ٿيس ۽ جيڪو فرشتو منهنجي اڳيان بيٺو هو تنهن سان ڳالهائيندي کيس چيم تہ ”اي منهنجا آقا! هن رويا جي ڏسڻ سبب ايتري تہ تڪليف ٿي اٿم جو ڄڻ تہ ويم جهڙن سورن اچي ورتو آهي ۽ مون ۾ ڪا طاقت ڪانہ رهي آهي.
17
تڏهن هي ٻانهو تو آقا سان ڪيئن ڳالهائي ٿو سگھي؟ هائو، مون ۾ بلڪل طاقت ڪانہ رهي آهي، بلڪ ساهہ ئي ڇڏائي ويو اٿم.“
18
تڏهن انهيءَ آدمزاد جهڙي شخص وري بہ مون کي ڇهيو ۽ مون کي طاقت بخشيائين.
19
پوءِ مون کي چيائين تہ ”اي بيحد پيارا شخص! ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، هاڻي مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ.“ هن جڏهن مون کي ائين چيو تہ مون ۾ طاقت اچي ويئي. سو کيس چيم تہ ”جيئن تہ توهان مون کي طاقت عطا ڪئي آهي، سو هاڻي ڀلي منهنجو آقا مون سان ڳالهائي.“
20
تڏهن منهنجي اڳيان بيٺل هستيءَ مون کي چيو تہ ”ڇا تو کي خبر آهي تہ آءٌ تو وٽ ڇالاءِ آيو آهيان؟ آءٌ تو وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ تو تي اها ڳالهہ ظاهر ڪريان جيڪا ’حق جو ڪتاب‘ ۾ لکيل آهي. پر ڏس، مون کي فارس جي محافظ فرشتي سان وڙهڻ لاءِ جلد ئي موٽي وٽس وڃڻو آهي ۽ منهنجي اتان نڪرڻ سان ئي يونان جو محافظ فرشتو اچي مون تي حملو ڪندو. جڏهن تہ اوهان بني اسرائيل جي محافظ فرشتي ميڪائيل کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي جيڪو هنن جي خلاف منهنجي ڀر کڻي.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12