bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Habakkuk 3
Habakkuk 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
1
حبقُوق نبيءَ جي دعا، جيڪا سازن تي ڳائبي آهي.
2
اي خداوند! مون تنهنجي هاڪ ٻڌي آهي. اي خداوند! آءٌ تنهنجي عجيب ڪمن تي اچرج ۾ آهيان. اسان جي حياتيءَ ۾ ئي اهي ڏينهن وري آڻ، هن ئي زماني ۾ انهن کي وري پڌرو ڪر، پنهنجي غضب جي وقت رحم کي بہ ياد ڪر.
3
خدا ادوم ملڪ جي پاسي کان اچي ٿو، اها پاڪ هستي فاران جبلن تان اچي ٿي. هن جو جلوو آسمانن کي ڍڪي ٿو ۽ ڌرتي هن جي واکاڻ سان ڀرجي وڃي ٿي.
4
هن جو نور سج جي روشنيءَ جيان آهي، سندس هٿ مان تجلا پيا نڪرن، جنهن ۾ هن جي قدرت لڪل آهي.
5
وبا هن جي اڳيان اڳيان ٿي هلي ۽ موت هن جي پٺيان ٿو هلي.
6
هو بيهي ٿو تہ زمين ڪنبي ٿي وڃي، هو نهاري ٿو تہ قومون ڏڪي ٿيون وڃن. ۽ اهي قديمي جبل ۽ ٽڪريون جن تي هو گھمندو هو، سي سندس گھمڻ سان ڀورا ڀورا ٿي وينديون هيون.
7
آءٌ ڪوشن ملڪ جي گھراڻن کي مصيبت ۾ ڏسان ٿو، مديان ملڪ جي رهاڪن کي ڏڪندي ڏسان ٿو.
8
اي خداوند! ڇا اڳي تون ندين کان ناراض هئين؟ تنهنجي ڪاوڙ نهرن تي هئي ڇا؟ تنهنجو غصو سمنڊن جي خلاف هو ڇا؟ جو تون پنهنجي گھوڙن، ۽ فتح ڪندڙ جنگي گھوڙي گاڏين تي سوار هئين.
9
تو پنهنجو تيرڪمان ڪڍي هٿ ۾ ڪيو هو، تنهنجو ترڪش ڪيترين ئي کِنوڻين وارن تيرن سان ڀريل هو. تو زمين تي مينهن وسائي ان کي دريائن سان چيري ڇڏيو هو.
10
جبل تو کي ڏسندي ئي ڏڪي ويا هئا، پاڻيءَ جا ريلا ٻوڏ جي صورت ۾ آيا هئا، اونهي سمنڊ گجگوڙون ڪيون هيون ۽ پنهنجيون ڇوليون اوچيون ڪيون هئائين.
11
تنهنجي اڏامندڙ تيرن جي چمڪ، ۽ تنهنجي چمڪندڙ نيزي جي تجليءَ جي ڪري، سج ۽ چنڊ آسمانن ۾ ڄمي بيهي رهيا هئا.
12
پنهنجي غضب مان تون ڌرتيءَ وچان لنگھي ويو هئين، ۽ پنهنجي قهر وچان تو قومن کي ڳاهي ڇڏيو هو.
13
تون پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ نڪتو هئين، هائو، پنهنجي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي بچائڻ لاءِ. تو بڇڙائيءَ جي ملڪ جي اڳواڻ کي چٿي ڇڏيو هو، تو کيس پيرن کان وٺي مٿي تائين اگھاڙو ڪري ڇڏيو هو.
14
جڏهن انهيءَ جو لشڪر اسان کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ واچوڙي جيان نڪري آيو هو، هائو، اهي اهڙا سرها ٿي لڳا، جو ڄڻ تہ لڪي ويل مسڪينن کي ڳهي وڃڻ وارا هجن، تڏهن تو انهيءَ جي سپهہسالار کي سندس ئي تيرن سان چيري ڇڏيو هو.
15
تو پنهنجي گھوڙن سان سمنڊ کي لتاڙيو هو، هيڏي وڏي پاڻيءَ کي ولوڙيندو لنگھي ويو هئين.
16
مون اهو ٻڌو ۽ منهنجي دل ڏڪي ويئي، آواز ٻڌڻ سان منهنجا چپ ڪنبڻ لڳا، منهنجا هڏا ڳرڻ لڳا ۽ منهنجيون ٽنگون ٿڙڪڻ لڳيون. آءٌ هاڻ ان بابلي قوم تي اچڻ واري مصيبت جي انتظار ۾ آهيان، جيڪا قوم اسان تي ڪاهيو پيئي اچي.
17
جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو، نڪي انگورن جي ول ۾ ڪو انگور هوندو، جيتوڻيڪ زيتون جو فصل نہ ٿيندو، ۽ ٻنيون اناج پيدا نہ ڪنديون، جيتوڻيڪ واڙن ۾ ڌڻ نہ لڀندو، ۽ نہ وٿاڻن ۾ چوپايو مال ئي هوندو،
18
تنهن هوندي بہ آءٌ خداوند کي ياد ڪري خوش ٿيندس، آءٌ پنهنجي بچائڻ واري خدا جي ڪري سرهو رهندس.
19
قادرمطلق خداوند خدا ئي منهنجي طاقت آهي. اُهو منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن وانگر ٿو ڪري، هو مون کي اوچاين تائين وڃڻ جي سگھہ ٿو بخشي. استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي منهنجي تار وارن سازن تي ڳايو وڃي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
All chapters:
1
2
3