bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Joel 3
Joel 3
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
1
خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏسو، انهن ڏينهن ۾ آءٌ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ ۾ وري خوشحالي آڻيندس.
2
تڏهن آءٌ سڀني قومن کي عدالت واري ماٿريءَ ۾ آڻي گڏ ڪندس. اتي آءٌ سندن عدالت ڪندس ۽ جيڪي ڪجھہ هنن منهنجي قوم سان ڪيو آهي تنهن جو کانئن حساب ڪتاب وٺندس. هنن منهنجي قوم بني اسرائيل کي ڌارين قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سندن ملڪ کي ورهائي ڇڏيو اٿائون.
3
هنن منهنجي قوم جي قيدين کي پاڻ ۾ ورهائڻ لاءِ ڪڻا وڌا آهن. هنن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي ڪڃريون گھرائڻ ۽ شراب خوريءَ جي عيوض وڪڻي ڇڏيو آهي.
4
سو اي صور، صيدا ۽ فلستيہ جي سڀني علائقن جا رهاڪؤ! اوهان جي حيثيت آهي ئي ڇا؟ اوهان ائين ڪرڻ سان مون کان ڪو بدلو ورتو آهي ڇا؟ جي ائين آهي تہ هاڻي آءٌ وري اوهان کان هڪدم بدلو وٺندس.
5
اوهين منهنجو سون چاندي کڻي ويا آهيو ۽ منهنجيون عمديون شيون کڻي وڃي پنهنجي پوڄا گھرن ۾ رکيون اٿوَ.
6
اوهين يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ مان ماڻهن کي گهلي سندن وطن کان پري وٺي ويا ۽ کين يونانين وٽ وڪڻي ڇڏيو آهي.
7
پر هاڻي جن هنڌن تي اوهان هنن کي وڪڻي ڇڏيو هو، تن هنڌن تان آءٌ يهوداہ وارن کي موٽائي پنهنجي وطن ۾ آڻيندس. اوهان جيڪي ڪجھہ هنن سان ڪيو آهي، سو ئي آءٌ اوهان سان بہ ڪندس.
8
آءٌ اوهان جا پٽ توڙي ڌيئرون بني يهوداہ وارن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي کين هڪڙي ڏورانهين قوم يعني شبا ملڪ وارن جي هٿ وڪڻي ڇڏيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
9
خداوند جي طرفان قومن منجھہ هي اعلان ڪرايو وڃي تہ ”جنگ جي تياري ڪري پنهنجي بهادرن کي آڻي گڏ ڪريو. هائو، سڀني جنگي جوڌن جون جنگ لاءِ صفون ٻڌايو، ۽ کين حملي ڪرڻ لاءِ تيار ڪريو.
10
اوهين پنهنجي هرن جي گھوٻن مان تلوارون ٺاهيو، ۽ پنهنجي ڏاٽن مان نيزا ٺاهيو. اهڙيءَ طرح اوهين هر ڪمزور کي هٿيارن سان طاقتور بڻائي ڇڏيو.
11
اي آسپاس واريون سڀيئي قومون! اوهين جلدي اچو ۽ عدالت واري ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿيو.“ اي خداوند! جڏهن اهي ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿين، تڏهن هنن تي حملي ڪرڻ لاءِ پنهنجي بهادرن کي موڪلي ڏي.
12
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن سڀيئي آسپاس واريون قومون تيار ٿي عدالت واري ماٿريءَ ۾ اچي گڏ ٿينديون، تڏهن آءٌ خداوند انهن سڀني قومن جي عدالت ڪندس.
13
اهي تمام بدڪار آهن. سو جيئن پڪل فصل ۾ ڏاٽو وجھي لابارو ڪيو وڃي ٿو، تيئن ئي کين قتل ڪيو ويندو. هائو، جيئن انگورن کي لتاڙي حوض رس سان ڀري ٽمٽار ڪيو ويندو آهي، بلڪ اٿلي وهي پوندو آهي، تيئن ئي کين لتاڙي چٽ ڪيو ويندو.“
14
جڏهن عدالت واري انهيءَ ماٿريءَ ۾ هزارين بلڪ لکين ماڻهو اچي گڏ ٿيندا. بيشڪ تڏهن خداوند انهن جي عدالت ڪندو.
15
انهيءَ ڏينهن سج توڙي چنڊ اونداها ٿي ويندا، ۽ تارن مان چمڪ ڇڏائي ويندي.
16
خداوند صيئون جبل تان شينهن وانگر گجندو. هائو، سندس آواز سڄي يروشلم ۾ گونجندو، ايتري قدر جو زمين وَ آسمان ڏڪي ويندا. پر تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ۽ پناهہ جي جاءِ هوندو.
17
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند اوهان جو خدا آهيان، جيڪو پنهنجي پاڪ جبل صيئون منجھہ رهان ٿو. بيشڪ يروشلم وري پاڪ شهر بڻجي ويندو، ۽ ڪوبہ ڌاريو لشڪر انهيءَ کي ٻيهر فتح ڪري نہ سگھندو.
18
انهن ڏينهن ۾ تمام گھڻي خوشحالي ٿيندي جو يهوداہ ملڪ جون سڀيئي نديون پاڻيءَ سان ڀريل وهنديون ۽ ڪڏهن نہ سڪنديون. بلڪ انگورن جون وليون ايترا تہ انگور جھلينديون جو جبلن تان انهن جي مئي وهندي نظر ايندي، ۽ چوپايو مال ايترو تہ خوش هوندو جو انهن جي کير جون ٽڪرن تان نديون وهنديون نظر اينديون، انهن ڏينهن ۾ مون خداوند جي گھر مان هڪڙو چشمو وهي نڪرندو، جيڪو شطيم جي ماٿريءَ کي ريج ڏيندو.
19
مصرين ۽ ادومين يهوداہ ملڪ تي حملو ڪري بيگناهہ ماڻهن جو خون وهايو آهي. سو آءٌ يهوداہ وارن جي خون جو بدلو وٺي مصر ۽ ادوم ملڪن کي ويران ۽ اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيندس. هائو، آءٌ ڪڏهن بہ درگزر نہ ڪندس. پر يروشلم پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو، بلڪ سڄو يهوداہ ملڪ هميشہ آباد رهندو، ۽ آءٌ خداوند ساڻن گڏ صيئون جبل تي رهندس.“
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
All chapters:
1
2
3