bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Malachi 1
Malachi 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 2 →
1
هي پيغام خدواند جي طرفان، ملاڪي نبيءَ جي معرفت بني اسرائيل ڏانهن آهي.
2
خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”مون اوهان سان محبت رکي.“ پر اهي چون ٿا تہ ”تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت ظاهر ڪئي آهي؟“ خداوند وراڻي ٿو ڏئي تہ ”عيسو ۽ يعقوب پاڻ ۾ ڀائر هئا، تڏهن بہ مون يعقوب سان ۽ سندس نسل سان محبت رکي
3
۽ عيسوءَ ۽ سندس نسل سان نہ. سندن جبلن کي ويران ڪري ڇڏيم ۽ سندن ملڪ جھنگلي گدڙن جي حوالي ڪري ڇڏيم.“
4
هاڻي جڏهن عيسوءَ جو اولاد ادومي چوي تہ ”اسين برباد تہ ٿي ويا آهيون، پر انهن کنڊرات کي وري اچي اڏينداسين،“ تڏهن قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن هو اڏيندا تہ بہ آءٌ اهي ڊاهي ڇڏيندس. ماڻهو انهن جي ملڪ کي بڇڙائيءَ جو ملڪ ۽ کين اهڙي قوم سڏيندا جنهن تي هميشہ مون خداوند جو قهر هجي.“
5
بني اسرائيل پنهنجين اکين سان اهو ٿيندي ڏسندا ۽ پوءِ مڃيندا تہ ” خداوند جي عظمت اسرائيل ملڪ جي سرحد کان ٻاهر بہ ظاهر آهي.“
6
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘
7
آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي ناپاڪ نذرانا ٿا پيش ڪريو. تنهن هوندي بہ اوهين چئو ٿا تہ ’اسان ڪهڙيءَ طرح تنهنجي گستاخي ڪئي آهي؟‘ اوهين مون خداوند جي قربانگاهہ کي حقير ڄاڻي منهنجي بيادبي ٿا ڪريو.
8
جڏهن اوهين انڌن جانورن جي قرباني ٿا ڪريو تہ ڇا اها بڇڙائي ناهي؟ جڏهن اوهين منڊن ۽ بيمار جانورن جي قرباني ٿا ڪريو تہ ڇا اها ڪا خرابي ڪانهي؟ هاڻي اهڙي قسم جون قربانيون جيڪڏهن اوهين پنهنجي گورنر کي ڏيو، تہ ڇا اهو اوهان مان راضي ٿيندو ۽ اوهان تي مهربان ٿيندو؟“
9
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اي ڪاهنؤ! اوهين جيڪڏهن اهڙيءَ طرح مون خدا کان مهرباني گھرندا رهندا تہ ڇا آءٌ اوهان تي رحم ڪندس ۽ اوهان جي هٿن جي اهڙين قربانين سان ڇا آءٌ اوهان سان راضي ٿيندس؟
10
جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادتگاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.
11
دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.
12
پر اوهين هي سوچيندي منهنجي نالي جي بيادبي ٿا ڪريو تہ ’ خداوند جي قربانگاهہ ناپاڪ آهي ۽ انهيءَ تي پيش ڪيل نذرانو نفرت جوڳو آهي.‘
13
اوهين ائين بہ ٿا سوچيو تہ ’هيءَ ڪهڙي نہ اسان سان جٺ آهي،‘ سو اوهين انهيءَ تي منهن ۾ گھنج ٿا وجھو. اوهين زوريءَ کسيل، منڊا ۽ بيمار جانور قربانيءَ لاءِ آڻيو ٿا، ڇا آءٌ اهي اوهان جي هٿان قبول ڪندس؟
14
سو لعنت آهي اهڙي دغاباز تي جنهن جي ڌڻ ۾ باسيل بيعيب نر موجود تہ آهي، پر تنهن هوندي بہ هو مون پروردگار لاءِ عيب وارو جانور قربان ٿو ڪري. آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان ۽ دنيا جون سڀ قومون منهنجو ادب ڪن ٿيون.“
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4