bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Philemon 1
Philemon 1
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
Jump to:
Chapter 1
1
هي خط مون پولس ، جيڪو مسيح يعني عيسيٰ جي خاطر قيد ٿيل آهيان ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان آهي. هي خط تو فليمون ڏانهن موڪلجي ٿو جيڪو اسان جو پيارو ۽ همخدمت آهين.
2
تو سان گڏ هي خط اسان جي ڀيڻ افيا ۽ اسان وانگر مسيح جي سپاهي ارخپس ۽ تنهنجي گھر ۾ گڏ ٿيندڙ ڪليسيا لاءِ پڻ آهي.
3
شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.
4
جڏهن بہ آءٌ پنهنجي دعا ۾ تو کي ياد ٿو ڪريان، تڏهن هميشہ خدا جو شڪر ٿو ڪريان
5
جو آءٌ تنهنجي باري ۾ ٻڌندو آهيان تہ تون خداوند عيسيٰ تي ايمان رکين ٿو ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان پيار ڪرين ٿو.
6
منهنجي دعا آهي تہ اسان کي مسيح ۾ مليل برڪتن جي ڄاڻ تو ۾ جيئن جيئن وڌندي وڃي، تيئن تيئن اسان سان تنهنجي ايماني رفاقت مسيح جي خاطر اثرائتي ثابت ٿيندي وڃي.
7
اي ڀاءُ! تنهنجي پيار مون کي وڏي خوشي ۽ تسلي ڏني آهي، ڇاڪاڻ تہ تو مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي دلين کي تازگي ڏني آهي.
8
آءٌ مسيح جي ڪري ايترو تہ دلير آهيان جو تو کي هن ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏيان جيڪو تو کي ڪرڻو آهي.
9
پر تنهن هوندي بہ آءٌ پولس جيڪو پيرسن ۽ هن وقت عيسيٰ مسيح جي خاطر قيد ٿيل آهيان، سو تو کي پيار وچان التجا ٿو ڪريان.
10
منهنجي التجا اُنيسمس جي باري ۾ آهي، جنهن کي مون قيد ۾ هوندي پنهنجو پٽ بڻايو آهي.
11
اڳي تہ هو تنهنجي ڪنهن بہ ڪم جو ڪونہ هو، پر هاڻي تنهنجي توڙي منهنجي، ٻنهي جي ڪم جو آهي.
12
آءٌ اُنيسمس کي جيڪو منهنجي جگر جو ٽڪرو آهي تو ڏانهن موٽائي ٿو موڪليان.
13
حقيقت ۾ مون هن کي پاڻ وٽ رکڻ پئي چاهيو، تہ جيئن جيستائين آءٌ هتي خوشخبريءَ جي خاطر قيد ۾ آهيان، هي تنهنجي پاران منهنجي خدمت ڪري.
14
تنهن هوندي بہ منهنجي اها مرضي نہ هئي تہ تنهنجي اڻڄاڻيءَ ۾ ڪجھہ ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ جيئن اُنيسمس تي تون جيڪا بہ مهرباني ڪرين سا مجبوريءَ سان نہ، پر خوشيءَ سان ڪرين.
15
شايد اُنيسمس تو کان ٿوري وقت لاءِ انهيءَ ڪري ڌار ٿيو تہ جيئن پوءِ هو تو وٽ اچي هميشہ لاءِ
16
هڪ غلام وانگر نہ، پر غلام کان بهتر هڪ پيارو ڀاءُ ٿي رهي. هو مون کي تہ تمام پيارو آهي، پر تنهنجي گھر ۾ رهندڙ ۽ وري مسيح ۾ ڀاءُ هجڻ ڪري تنهنجو اڃا بہ وڌيڪ پيارو هوندو.
17
سو جيڪڏهن تون مون کي پنهنجو ساٿي ٿو سمجھين تہ هن جو آڌرڀاءُ ائين ڪجانءِ جيئن جيڪر منهنجو ڪرين ها.
18
جيڪڏهن هن تنهنجو ڪو نقصان ڪيو آهي، يا تنهنجو ڪو لهڻو ليکو اٿس تہ اهو منهنجي کاتي سمجھہ.
19
آءٌ پولس پنهنجي هٿ سان لکي ٿو ڏيان تہ هن جو لهڻو ليکو آءٌ پاڻ ڀري ڏيندس. باقي مون کي ائين چوڻ جو ڪو ضرور ئي ڪونهي تہ تنهنجي جان ئي منهنجي قرضدار آهي.
20
اي ڀاءُ! آءٌ چاهيان ٿو تہ خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري مون کي تو کان اهو فائدو ملي. ائين مسيح ۾ منهنجي دل کي تازگي ڏي.
21
آءٌ تو ڏانهن انهيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منهنجي ڳالهہ تي عمل ڪندين، بلڪ منهنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين.
22
انهيءَ کان علاوہ منهنجي ترسڻ لاءِ هڪ ڪمرو تيار رکجانءِ، ڇو تہ مون کي اميد آهي تہ اوهانجين دعائن جي وسيلي عيسيٰ مسيح مون کي قيد مان آزاد ڪرائي اوهان وٽ آڻيندو.
23
اِپفراس، جيڪو مون سان گڏ عيسيٰ مسيح جي واسطي قيدي آهي ۽ مرقس، ارسترخس، ديماس ۽ لوقا جيڪي مون سان گڏ ڪم ڪندڙ آهن، سي سڀ تو کي سلام ٿا ڏين.
25
شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوهان سڀني تي هجي. آمين.
Jump to:
Chapter 1
All chapters:
1
Recommended Reading
Commentary
Philemon Commentaries
→
Devotional
Philemon Devotional Guide
→
Get This Bible
Muslim Study Bible
→