bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Philippians 2
Philippians 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 3 →
1
هاڻ جيڪڏهن اوهان کي مسيح ۾ هئڻ ڪري همت ملي ٿي، سندس محبت مان تسلي ٿئي ٿي، پاڪ روح سان صحبت رکو ٿا ۽ اوهان کي همدردي ۽ رحمدلي حاصل آهي،
2
تہ پوءِ منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪ دل ٿيو، هڪجهڙي محبت رکو، هڪ جان ٿيو ۽ همخيال رهو.
3
ذاتي لالچ ۽ اجائي هٺ کان ڪجھہ بہ نہ ڪريو، پر نماڻائيءَ سان هر ڪو ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجھي.
4
اوهان مان هر هڪ رڳو پنهنجي باري ۾ نہ، پر ٻين جي باري ۾ بہ سوچي.
5
اوهين اهڙو ئي سڀاءُ رکو جهڙو عيسيٰ مسيح جو هو.
6
جيتوڻيڪ هو پاڻ خدا جي صورت هو، تہ بہ هن خدا سان برابر هئڻ جي درجي کي زوريءَ پنهنجي قبضي ۾ رکڻ جي شيءِ نہ سمجھيو.
7
اٽلندو پاڻ کي خالي ڪري ڇڏيائين، ۽ ٻانهي جي صورت اختيار ڪري انسانن جهڙو ٿي ويو.
8
انساني شڪل ۾ ظاهر ٿي ڪري هن پاڻ کي هيٺاهون ڪيو، ۽ ايتري قدر فرمانبردار رهيو جو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.
9
تنهنڪري ئي خدا هن کي تمام گھڻو سربلند ڪيو، ۽ کيس اهو نالو عطا ڪيائين جيڪو هر نالي کان اعليٰ آهي.
10
اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ عيسيٰ جي نالي تي هر ڪو گوڏا کوڙي، پوءِ اهو آسمان تي هجي يا زمين تي، يا وري هيٺ پاتال ۾ هجي،
11
۽ هر هڪ زبان اقرار ڪري تہ ” عيسيٰ مسيح ئي خداوند آهي،“ تہ جيئن خدا پيءُ جي عظمت جي واکاڻ ٿئي.
12
تنهنڪري اي منهنجا عزيزؤ! جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو تيئن نہ رڳو منهنجي موجودگيءَ ۾ پر هاڻي غير موجودگيءَ ۾ اڃا بہ وڌيڪ فرمانبرداري ڪندا رهو. سو اوهين ڊڄندي ۽ ڏڪندي اهڙا ڪم ڪندا رهو جو اوهان جي حاصل ڪيل ڇوٽڪاري جو مقصد پورو ٿئي.
13
جڏهن تہ اهو خدا ئي آهي جيڪو پنهنجي نيڪ ارادي موجب اوهان ۾ ڪم ڪندو رهي ٿو، تہ جيئن اوهين سندس مرضي قبول ڪريو ۽ انهيءَ تي عمل بہ ڪريو.
14
سڀ ڪم شڪايت ۽ تڪرار ڪرڻ کان سواءِ ڪندا رهو،
15
تہ جيئن اوهين بيڏوهي ۽ معصوم ٿي ڪري ڏنگن ۽ گمراهہ ماڻهن جي هن دنيا ۾ خدا جا بيعيب ٻار ثابت ٿيو. مطلب تہ انهن جي وچ ۾ اوهين ائين چمڪو جيئن آسمان ۾ ستارا
16
۽ انهن منجھہ زندگيءَ جي پيغام تي قائم رهو. اوهين انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪندا رهو، تہ جيئن آءٌ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تي فخر ڪري سگھان تہ منهنجي ڊڪ ڊوڙ ۽ محنت اجائي نہ ٿي.
17
پوءِ ڀلي اوهان جي ايمان واري خدمت جيڪا هڪ قربانيءَ مثل آهي، تنهن تي جيڪڏهن مون کي پنهنجو رت بہ وهائڻو پوي تہ بہ آءٌ خوش آهيان ۽ اوهان سڀني سان گڏ خوشي ٿو ڪريان.
18
اوهين بہ ساڳيءَ طرح خوش ٿيو ۽ مون سان گڏ خوشي ڪريو.
19
مون کي اميد آهي تہ خداوند عيسيٰ جي مرضيءَ سان آءٌ تيمٿيس کي جلد اوهان ڏانهن موڪليندس، تہ جيئن هن کان هڪٻئي جو حال احوال ٻڌي اوهان سان گڏ مون کي بہ دلجاءِ ٿئي.
20
مون وٽ هن جهڙو ٻيو ڪوبہ همخيال ماڻهو ڪونهي، جنهن کي سچ پچ اوهان جي ڀلائيءَ لاءِ ڳڻتي هجي.
21
انهيءَ جو سبب هي آهي تہ هر ڪو ماڻهو عيسيٰ مسيح جي ڳالهين کي نہ، بلڪ پنهنجي مطلب جي ڳالهين کي ٿو ڏسي.
22
جڏهن تہ تيمٿيس جي اعتماد جوڳو ثابت ٿيڻ جي اوهان کي ڄاڻ آهي جو هن مون سان گڏجي خوشخبري ڦهلائڻ جي ائين خدمت ڪئي آهي جيئن ڪو پٽ پيءُ سان گڏجي ڪم ڪري.
23
تنهنڪري جڏهن آءٌ ڏسندس تہ منهنجيون موجودہ ڳالهيون حل ٿي ويون آهن، تڏهن اميد اٿم تہ کيس هڪدم اوهان ڏانهن روانو ڪندس،
24
بلڪ مون کي خداوند عيسيٰ تي ڀروسو آهي تہ آءٌ پاڻ بہ جلد ايندس.
25
هن وقت آءٌ اهو ضروري ٿو سمجھان تہ اِپفروديتس کي واپس اوهان ڏانهن موڪليان، جيڪو مسيح ۾ منهنجو ڀاءُ، همخدمت ۽ ساٿي سپاهي آهي. هي اوهان جو قاصد بہ آهي، جنهن کي اوهان منهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ خدمتگار طور مون ڏانهن موڪليو هو.
26
آءٌ کيس انهيءَ ڪري واپس موڪليان ٿو جو اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ اٿس، بلڪ هو بيقرار ٿو رهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان سندس بيماريءَ بابت ٻڌو هو.
27
هو ايتري قدر بيمار هو جو مرڻ تي هو. پر خدا مٿس رحم ڪيو، نہ رڳو هن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين.
28
تنهنڪري مون کي اڃا بہ وڌيڪ خيال ٿيو تہ کيس جلدي اوهان ڏانهن موڪليان، تہ جيئن اوهين کيس وري ڏسي خوش ٿيو ۽ منهنجو فڪر بہ گھٽجي وڃي.
29
سو خداوند عيسيٰ ۾ وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ هن جهڙن شخصن کي عزت ڏيندا رهجو،
30
ڇاڪاڻ تہ هو مسيح جي خدمت خاطر پنهنجي جان جوکي ۾ وجھي مرڻ تي هو. هن انهيءَ لاءِ ائين ڪيو تہ جيئن اوهان جي غير حاضريءَ سبب منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا ڪمي رهجي ويئي هئي، تنهن کي هو پورو ڪري.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4