bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
/
Zephaniah 2
Zephaniah 2
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 3 →
1
اي بيشرم قوم! توبهہ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيو، پاڻ ۾ گڏ ٿيو.
2
انهيءَ کان اڳ جو خدا جو سخت قهر اوهان کي اچي وڪوڙي، ۽ اوهان کي بُهہ وانگر اڏائي ڇڏي. هائو، انهيءَ کان اڳ جو خداوند جي غضب جو اهو ڏينهن اوهان تي اچي ڪڙڪي.
3
اي ملڪ جا سڀ حليم رهاڪؤ! جيڪي سندس حڪم تي هلندڙ آهيو، سي خداوند جا طالبو رهو. هائو، اوهين سچائيءَ ۽ عاجزيءَ جا طلبگار رهو، تڏهن ٿي سگھي ٿو خداوند جي ڪاوڙ واري ڏينهن تي اوهان کي پناهہ ملي.
4
غزہ شهر ۾ ڪوبہ ڪونہ بچندو، ۽ اسقلون شهر کي ويران ڪيو ويندو. اشدود شهر وران کي منجھند ٿيڻ کان اڳ تڙي ڪڍيو ويندو، ۽ عقرون شهر وارن جي پاڙ پٽي ويندي.
5
ويل آهي توهان لاءِ، اي سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستيؤ! خداوند جو فرمان اوهان جي خلاف آهي. اي فلستين جا ملڪ ڪنعان! هو تو کي تباهہ ڪري ڇڏيندو، ايستائين جو تو ۾ ڪوبہ رهڻ وارو نہ هوندو.
6
اي فلستيؤ! جنهن سمنڊ جي ڪناري تي اوهين رهو ٿا، سو رڳو ريڍارن ۽ رڍن جو ماڳ ٿي ويندو.
7
بلڪ اهو علائقو يهوداہ جي باقي بچي ويلن جي ملڪيت ٿيندو. اتي هو پنهنجا ڌڻ چاريندا، ۽ اسقلون شهر جي ويران گھرن ۾ اچي رهندا. بيشڪ خداوند سندن خدا انهن جي سار سنڀال لهندو، ۽ هنن کي ٻيهر خوشحال ڪندو.
8
خداوند فرمائي ٿو تہ ” بني موآب ۽ بني عمون جا طعنا ۽ بيعزتيون جيڪي هو منهنجي قوم جون ڪن ٿا، بلڪ منهنجي قوم جي ملڪ تي قبضو ڪرڻ جون ٻٽاڪون جيڪي هو هڻن ٿا، سو سڀ ڪجھہ مون ٻڌو آهي.
9
تنهنڪري، آءٌ قادرمطلق خداوند ، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“
10
اهو سڀ ڪجھہ سندن مغروريءَ جي ڪري ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ هنن قادرمطلق خداوند جي قوم جي بيعزتي ڪئي، ۽ ساڻن مغروريءَ سان هليا.
11
خداوند هنن کي هيبت ۾ وجھندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني معبودن کي هيڻو ڪري ڇڏيندو. پوءِ سڀيئي قومون سندس بندگي ڪنديون. هائو، سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ خداوند جي ئي عبادت ڪندا.
12
اي سوڊان جا رهاڪؤ! خداوند اوهان کي بہ جنگين ۾ قتل ڪرائي ڇڏيندو.
13
خداوند اتر طرف پنهنجو هٿ کڻي اشور کي ناس ڪري ڇڏيندو. جڏهن تہ هو ان جي گاديءَ واري شهر نينوہ کي ويران ۽ بيابان جهڙو خشڪ ڪري ڇڏيندو.
14
نينوہ هر قسم جي چوپائي مال، ۽ جھنگلي جانورن جي جوءِ ٿيندو. ان جي ٿنڀن جي چوٽين تي ڳِجھون ۽ چٻرا اچي آکيرا ٺاهيندا. درين مان انهن جو آواز پيو گونجندو، ۽ چانئٺن تي ڪانوَ اچي ڪانگيرا ڪندا. عمارتن جو اندريون ديال وارو ڪاٺ ڪڍي کنيو ويندو.
15
اهو حال انهيءَ خوشين واري شهر جو ٿيندو، جيڪو هاڻي بيفڪر رهي پيو. انهيءَ شهر جا رهاڪو هاڻي پنهنجيءَ دل ۾ چون ٿا تہ ”جيڪي آهي سو اسان جو شهر ئي آهي، اسان جي شهر کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.“ پر اهو ڪيئن نہ ويران ڪيو ويندو، ۽ جانورن جي جوءِ بڻجي ويندو. جيڪي بہ اتان لنگھندا سي دهلجي ويندا ۽ حيرت وٺي ويندن.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3