bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Thessalonians 1
1 Thessalonians 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 2 →
1
پولس ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿسلونيڪين جي ڪليسيا ڏانهن، جا خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح ۾ آهي؛ شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان هجي.
2
اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون؛
3
۽ پنهنجي خدا پيءُ جي اڳيان اوهان جي ايمان جي ڪم ۽ محبت جي پورهئي، ۽ پنهنجي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد جي صبر کي هميشہ ياد پيا ڪريون؛
4
اي ڀائرو، خدا جا پيارا، اسان کي خبر آهي تہ اوهين چونڊيل آهيو،
5
ڇالاءِ تہ اسان جي خوشخبري اوهان وٽ نہ فقط لفظن ۾ آهي، پر قدرت، ۽ پاڪ روح ۾ پوريءَ خاطريءَ سان آهي؛ جو خبر اٿوَ تہ اوهان جي خاطر اسين اوهان سان ڪيئن هلندا هئاسين.
6
۽ اوهان پاڪ روح جي خوشيءَ سان گهڻيءَ مصيبت ۾ ڪلام قبول ڪري، اسان وانگر هلي، خداوند جي پيروي ڪئي؛
7
ايتري قدر جو مڪدونيہ ۽ اخيہ جي سڀني ايماندارن لاءِ اوهين نمونو ٿيا.
8
ڇالاءِ جو اوهان جي ڪري نہ رڳو مڪدونيہ ۽ اخيہ ۾ خداوند جو ڪلام ڦهلجي ويو آهي، پر اوهان جو ايمان، جو خدا تي آهي، سو هر هنڌ مشهور ٿي ويو آهي؛ ايتري قدر جو انهيءَ بابت اسان کي ڪجهہ بہ چوڻ جي ضرورت ڪانهي.
9
ڇالاءِ جو هو پاڻ اسان جي نسبت ۾ ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان وٽ اسان جو اچڻ ٿيو؛ ۽ ڪهڙيءَ طرح اوهين بُتن کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦريا، تہ اُن سچي ۽ زندہ خدا جي بندگي ڪريو،
10
۽ سندس فرزند جي آسمان مان اچڻ جي انتظار ۾ رهو، جنهن کي هن مُئلن مان جياريو، يعني يسوع کي، جو اسان کي ايندڙ غضب کان بچائي ٿو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5