bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
1 Timothy 2
1 Timothy 2
Sindhi Bible
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 3 →
1
تنهنڪري، پهرين آئون هيءَ نصيحت ٿو ڪريان تہ سڀني ماڻهن لاءِ عرض، دعا، سفارش ۽ شڪر گذاريون ڪرڻ گهرجن؛
2
بادشاهن ۽ سڀني حاڪمن لاءِ بہ، تہ اسين نهايت دينداريءَ ۽ سنجيدگيءَ سان امن ۽ اطمينان جي حياتي گذاريون.
3
اها ڳالهہ اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي نظر ۾ چڱي ۽ پسنديدہ آهي؛
4
جنهن جي مرضي آهي تہ سڀني ماڻهن کي نجات ملي، ۽ سچ جي خبر پوينِ.
5
ڇالاءِ جو خدا هڪڙو آهي، ۽ خدا ۽ ماڻهن جو درمياني بہ هڪڙو ئي آهي، يعني مسيح يسوع، جو انسان آهي.
6
جنهن پاڻ کي سڀني جي لاءِ قربان ڪري ڏيئي ڇڏيو، تہ مناسب وقتن تي اها شاهدي ڏني وڃي.
7
آئون سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان تہ انهي لاءِ ئي آئون مبشر ۽ رسول مقرر ٿيس، تہ ايمان ۽ سچ جي غير قومن کي تعليم ڏيان.
8
تنهنڪري منهنجي مرضي آهي تہ ماڻهو هر ڪنهن هنڌ، ڪاوڙ ۽ تڪرار کانسواءِ، پاڪ هٿ کڻي دعا ڪن.
9
ساڳيءَ طرح، زالون بہ حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي حجاب ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين؛ نہ ڳتيل وارن ۽ سون يا موتين يا قيمتي پوشاڪ سان؛
10
پر چڱن ڪمن سان (جيئن ڪ انهن زالن کي مناسب آهي، جي پاڻ کي خدا پرست ٿيون چوائين.)
11
زال ذات کي گهرجي تہ ماٺ ڪري نهايت تابعداريءَ سان تعليم وٺي.
12
پر آئون ڪنهن بہ زال کي اجازت نٿو ڏيان تہ تعليم ڏئي، يا مڙس تي حڪم هلائي، پر خاموش رهي.
13
ڇالاءِ جو پهريائين آدم جُڙيو ۽ پوءِ حوا؛
14
۽ آدم ٺڳيو نہ ويو، پر سندس زال ٺڳجي گناهہ ۾ گرفتار ٿي.
15
پر ٻار ڄڻڻ ڪري زال بچي ويندي، بشرطيڪ ايمان ۽ محبت ۽ پاڪيزگيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ قائم رهي.
← Chapter 1
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 3 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6