bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Corinthians 13
2 Corinthians 13
Sindhi Bible
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
1
هي ٽيون ڀيرو آهي جو آئون اوهان ڏانهن ٿو اچان. ٻن يا ٽن شاهدن جي واتان سڀڪا ڳالهہ ضرور ثابت ٿي پوندي.
2
جڏهن آئون ٻئي ڀيري حاضر هوس، تڏهن جيئن اڳيئي چيو هوم، تيئن هن ڀيري بہ جڏهن آئون غير حاضر آهيان، انهن کي ٿو چوان جن هيستائين گناهہ پي ڪيا آهن، ۽ ٻين سڀني کي بہ ٿو چوان تہ جڏهن آئون ايندس، تڏهن ڪنهن کي بہ نہ ڇڏيندس؛
3
ڇالاءِ جو اوهين اها ثابتي ٿا گهُرو تہ مسيح مون ۾ ڳالهائي ٿو. هو اوهان لاءِ ڪمزور نہ آهي پر اوهان ۾ زور وارو آهي.
4
جيتوڻيڪ هو ڪمزوريءَ جي ڪري صليب تي چاڙهيو ويو، تہ بہ خدا جي قدرت ڪري جيئرو آهي. ڇالاءِ جو اسين بہ هن ۾ ڪمزور آهيون، مگر خدا جي قدرت سان اوهان لاءِ ساڻس گڏ جيئنداسين.
5
اوهين پاڻ کي جاچي ڏسو تہ ايمان تي آهيو يا نہ؛ ۽ پاڻ کي آزمايو. يا اوهان کي اها خبر ڪانهي ڇا، تہ يسوع مسيح اوهان ۾ آهي؟ بي وفا هجو تہ ٻي ڳالهہ آهي.
6
پر آئون اُميد ٿو ڪريان تہ اوهان کي خبر پوندي تہ اسين بي وفا نہ آهيون.
7
هاڻي اسين خدا کان دعا ٿا گهُرون تہ اوهين ڪا بڇڙائي نہ ڪريو؛ نہ انهي لاءِ تہ اسين وفادار ڏسڻ ۾ اچون، پر انهي لاءِ تہ اوهين اُهوئي ڪريو جو چڱو هجي، پوءِ اسين ڀلي تہ بي وفا سمجهيا وڃون.
8
ڇالاءِ جو اسين سچ جي برخلاف ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهون، پر فقط سچ جي لاءِ ڪري ٿا سگهون.
9
هن ڪري جو جڏهن اسين ڪمزور آهيون ۽ اوهين زور وارا آهيو، تڏهن اسان کي خوشي ٿي ٿئي، ۽ اسين اها بہ دعا ٿا گهُرون تہ اوهين ڪامل ٿيو.
10
انهي نسبت اچڻ کان اڳ ۾ اهي ڳالهيون لکان ٿو، تہ جڏهن اچان، تڏهن مون کي انهي اختيار موجب سختي ڪرڻي نہ پوي، جو خداوند مون کي قائم ڪرڻ لاءِ ڏنو آهي، نہ ڊاهڻ جي لاءِ.
11
آخر ۾، اي ڀائرو، شل خوش هجو. ڪامل ٿيو؛ دلجاءِ ڪريو؛ يڪ دلا ٿيو؛ اطمينان ۾ رهو؛ ۽ خدا، جو محبت ۽ اطمينان جو چشمو آهي، سو اوهان سان هجي.
12
پاڪ چُمي ڏيئي هڪٻئي کي سلام ڪجو.
13
سڀ پاڪ ٿيل اوهان کي سلام ٿا ڏين.
14
خداوند يسوع مسيح جو فضل ۽ خدا جي محبت ۽ پاڪ روح جي شراڪت اوهان سڀني سان هجي.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13