bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 John 1
2 John 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
1
هن بزرگ جي طرفان اُنهيءَ چونڊيل بيگم ۽ سندس ٻارن ڏانهن، جن کي آئون سچو پيار ٿو ڪريان؛ نہ رڳو آئون پر اُهي سڀ بہ جي سچ کي سڃاڻن ٿا؛
2
اُنهي سچ جي ڪري جو اسان ۾ رهي ٿو، ۽ جو هميشہ اسان سان رهندو.
3
خدا پيءُ کان، ۽ پيءُ جي فرزند يسوع مسيح کان، فضل ۽ رحم ۽ اطمينان، سچائيءَ ۽ پيار ۾ اسان سان رهندو.
4
آئون ڏاڍو خوش ٿيس جو جيئن اسان کي پيءُ کان حڪم مليو تيئن ئي مون تنهنجن ٻارن مان ڪن کي حق تي هلندو ڏٺو آهي.
5
۽ هاڻي آئون توکي هڪڙو عرض ٿو ڪريان. آئون ڪو نئون حڪم ڪونہ ٿو لکان، پر اُهو پراڻو ئي حڪم جيڪو اسان کي شروعات ۾ مليو هو، تہ اسين هڪٻئي کي پيار ڪريون.
6
۽ پيار هي آهي تہ خدا جي حڪمن تي هلون. هي اهو حڪم آهي، جو اوهان شروعات کان وٺي ٻُڌو، ۽ اوهان کي انهي تي هلڻ گهرجي.
7
ڇالاءِ جو گهڻيئي گمراهہ ڪندڙ دنيا ۾ نڪري پيا آهن، جي هن ڳالهہ کي نٿا مڃين تہ يسوع مسيح مجسم ٿيو. اهو ئي گمراهہ ڪندڙ ۽ مسيح جو مخالف آهي.
8
پنهنجي سنڀال ڪريو تہ جيڪي ڪم اسان ڪيا آهن سي اجايا نہ ٿي وڃن، پر اوهين پورو انعام حاصل ڪريو.
9
جيڪو حد کان ٻاهر ٿو وڃي، ۽ مسيح جي تعليم تي قائم نٿو رهي، تنهن وٽ خدا موجود نہ آهي: جيڪو تعليم تي قائم ٿو رهي، تنهن وٽ پيءُ بہ موجود آهي ۽ فرزند بہ.
10
جيڪڏهن ڪوبہ اوهان وٽ اچي اها تعليم نہ ڏئي، تہ انهي کي پنهنجي گهر ۾ اچڻ نہ ڏيو ۽ نڪي سلام ڪريوس؛
11
ڇالاءِ جو جيڪو انهي کي سلام ڪري ٿو، سو هن جي خراب ڪمن ۾ شريڪ ٿو ٿئي.
12
مون کي اوهان ڏانهن گهڻيون ئي ڳالهيون لکڻيون آهن، پر اُهي ڪاغذ ۽ مَس سان لکڻ ڪونہ ٿو گهُران: مگر اُميد اٿم تہ اوهان وٽ ايندس ۽ روبرو ڳالهيون ڪندس، تہ اوهان جي خوشي پوري ٿئي.
13
تنهنجي برگزيدہ ڀيڻ جا ٻار توکي سلام ٿا ڏين.
Jump to:
Chapter 1
All chapters:
1