bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
2 Thessalonians 1
2 Thessalonians 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 2 →
1
پولس ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿسلونيڪين جي ڪليسيا ڏانهن، جا اسان جي خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح ۾ آهي؛
2
خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ اطمينان اوهان تي هجي.
3
اي ڀائرو، اسان تي فرض آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ڪريون، ۽ گهرجي بہ ائين، ڇالاءِ جو اوهان جو ايمان گهڻو وڌندو ٿو وڃي، ۽ اوهان سڀني ۾ هرهڪ جو پيار پاڻ ۾ زيادہ ٿيندو ٿو وڃي،
4
ايتري قدر جو اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوهان تي اِهو فخر ٿا ڪريون تہ جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوهين سهو ٿا، تن سڀني ۾ اوهان جو صبر ۽ ايمان ظاهر ٿو ٿئي؛
5
اهو خدا جي سچيءَ عدالت جو صاف نشان آهي؛ انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي بادشاهت جا لائق ليکجڻ ۾ اچو، جنهن جي لاءِ اوهين ڏک پيا سهو؛
6
ڇالاءِ جو خدا جي نظر ۾ اها انصاف جي ڳالهہ آهي، تہ جيڪي اوهان کي ڏک ٿا ڏين، تن کي بدلي ۾ ڏک ڏئي،
7
۽ اوهين جي ڏک سهو ٿا، تن کي اسان سان گڏ آرام ڏئي: سو اُنهي وقت جڏهن خداوند يسوع پنهنجي قدرت وارن ملائڪن سان آسمان مان ٻرندڙ باهہ ۾ ظاهر ٿيندو،
8
۽ جيڪي خدا کي نٿا سڃاڻن ۽ جيڪي اسان جي خداوند يسوع جي خوشخبري نٿا مڃين، تن کان بدلو وٺندو.
9
اُهي خداوند جي حضور کان، ۽ سندس قدرت جي جلال کان محروم رهندا، ۽ کين هميشہ جي لاءِ برباد ٿيڻ جي سزا ملندي:
10
سو انهي ڏينهن ٿيندو، جڏهن هن جي اچڻ ڪري، سندس پاڪ ٿيلن ۾ سندس جلال ظاهر ٿيندو، ۽ جن ايمان آندو آهي، تن سڀني ۾ تعجب جو سبب ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو.
11
انهي مطلب لاءِ اسين بہ هميشہ اوهان لاءِ دعا پيا گهُرون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي پنهنجي ڪوٺ جي لائق سمجهي، ۽ نيڪيءَ جي سڀ ڪا خواهش، ۽ ايمان جو سڀ ڪو ڪم قدرت سان پورو ڪري؛
12
تہ اسان جي خدا ۽ خداوند يسوع مسيح جي فضل موجب، اسان جي خداوند يسوع جو نالو اوهان منجهہ جلال پائي، ۽ اوهين بہ منجهس جلال پايو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
Recommended Reading
Commentary
2 Thessalonians Commentaries
→
Devotional
2 Thessalonians Devotional Guide
→
Get This Bible
Sindhi Bible Study Bible
→